اسلام آباد(بيورو/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول وفد سميت ملاقات ڪئي آهي. ذريعن وٽان مليل تفصيلن موجب پ پ چيئرمين پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي اهميت نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي وفد ۾ شيري رحمان، نويد قمر ۽ راجا پرويز اشرف جڏهن ته مسلم ليگ ن طرفان اسحاق ڊار ۽ راڻا ثناءُ الله شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان موقعي تي پيپلز پارٽي پنجاب ۾ لکت ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت وزيراعظم کان ڪئي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي شڪايت ڪئي ته پنجاب حڪومت ۾ پ پ کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس آچر تي گورنر هائوس لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم قانون سازي جي تياري ڪري رهي آهي،جنهن تي پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو، اهم قانون سازي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تي طلب ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن سنڌ ۾ سڄاڻ ڌرين اهي سوال اٿاريا آهن ته ڇا بلاول وزيراعظم آڏو آربي اوڊي، موٽر وي، بجلي ۽ ٻوڏ سميت سنڌ جا معاملا اٿاريا يا نه، وڏي وزير جيڪي بجلي معاملن تي شڪايتون ڪيون يا ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ ايم اين وي ڊرين جي مرمت ۽ ان کي وڌائي آر بي او ڊي سان ملائي ان کي مڪمل ڪرڻ جا معاملا اٿاريا يا نه. ظاهر ٿيل معلومات موجب پ پ سربراهه پاڻ کي پنجاب ۾ جاءِ ملڻ جا مطالبا ڪندو رهيو.