گھوٽڪي (رپورٽ: محمد يوسف منگي) گھوٽڪي ريلوي اسٽيشن خانپور بس اسٽينڊ ويجھو نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ نتيجي ۾ خانپور مھر ويجھو ڳوٺ سومر موري واسي ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، هٿياربندن مکڻو گبول ۽ محمد بچل گبول مٿان فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان قتل ٿي ويا، اھڙو اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي گھوٽڪي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي نوجوانن جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو وارثن کي اطلاع بعد يعقوب گبول تعلقا اسپتال پھچي لاش وصول ڪيا سندس چوڻ ھو ته ملڪ برادري جي ماڻھن سان تڪرار ھلندڙ آھي ٻئي نوجوان گھوٽڪي جي عدالت ۾ ڪيس جي حاضري لاءِ اچي رھيا ھئا ته فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آھي وڌيڪ جاچ ڪنداسين ته اسان جي ٻنھي نوجوانن کي ڪنھن قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته معامري جي جاچ ڪري رھيا آھيون، مقتولن جا وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا آھن جاچ جاري آھي، وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس نه ٿي سگھيو.