سپريم ڪورٽ ۾ سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول،جج پريشان؟

اسلام آباد(عمر چيما) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان بدتميزي ٿيڻ جو انڪشاف،خبر موجب سپريم ڪورٽ ۾ اڄڪلهه مبارڪ ثاني ڪيس هلي رهيو هو، گذريل ڏينهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خاندان سان گڏ اسلام آباد ۾ هڪ ڪيفي ۾ ويو ته اتي ڪائونٽر تي موجود هڪ ملازم جنهن جو تعلق انتهاپسند مذهبي جماعت سان هو ان چيف جسٽس سان سخت زبان استعمال ڪندي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ توهين جوڳا لفظ چئي ڪيفي مان ڊوڙ لڳائي،چيف جسٽس جي سيڪيورٽي تي مقرر گارڊ هن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪالهه ٻڌڻي دوران مفتي تقي عثماني به وڊيو لنڪ تي موجود هو،جڏهن ته  مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا عالم عدالت اندر موجود هئا، چيف جسٽس مصالحاڻا رويو اختيار ڪيو،پر ڪجهه ماڻهو عدالت جو احترام نه ڪندي مڇريل نظر آيا ۽ مڇي مارڪيٽ جو ڏيک هو، هڪ اڳواڻ ڊائيس تي اچي تمام سخت زبان استعمال ڪئي،چيف جسٽس مولانا فضل الرحمان کي چيو ته توهان ماڻهن کي سمجهايو  ته توهان عدالت ۾ آهيو،ڇو جارحاڻي انداز ۾ ڳالهائي رهيا آهن جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اهي انهن جا به جذبات آهن،ان دوران هڪ ٻن وڪيلن به اٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو،جج به سهميل سهميل نظر آيا ته خبر ناهي اڄ ڇا ٿيندو؟ هڪ موقعي تي مولانا فضل الرحمان ڳالهائي رهيو هو ته هڪ جي يو آءِ چيف جسٽس کي اشارو ڪندي چيو ته اسان جي اڳواڻ کي ٻڌو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نظرثاني ڪيس نظرثاني نه نظر ثالثي ڏانهن ويو آهي،هڪ صحافي نادر گراماڻي ٽوئيٽر تي لکيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، وڪيلن جي لباس ۾ ڪجهه ماڻهن جو اسٽائل ڊيڄاريندڙ هو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.