لاهور(م ڊ) مذهبي نفرت پکيڙڻ تي اينڪر پرسن اوريا مقبول جان کي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ اوريا مقبول جان کي ڊي ايڇ اي فيز 6 ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوريا مقبول جان تي مذهبي نفرت، ادارن خلاف ڳالهائڻ تي سائبر دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.