ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس محمد شفيع صديقي پرڏيھه وڃڻ لاءِ موڪل وٺي ڇڏيسس، صدر مملڪت جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت سندس جاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري نوٽيفيڪشن جاري ڪيو آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو 24 آگسٽ تي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو.