اسلام آباد (فخر دراني+عمر چيما) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد کان جاچ دوران اهم راز فاش ٿيا آهن، هن عمران خان بابت ڪيترن ئي شين جو اعتراف به ڪيو آهي. پڇا ڳاڇا دوران هن کي ڪيترائي ثبوت پيش ڪيا ويا، جن تي هن ٻڌايو ته ڪجهه شيون هن عمران خان جي چوڻ تي ڪيون ۽ ڪجهه ٻنهي جي راضپي سان ٿيون. 9 مئي جي حوالي سان پڻ هن اهم انڪشاف ۽ اعتراف ڪيا آهن. ڪورٽ مارشل جا ٻه مرحلا مڪمل ٿي ويا آهن. جن ۾ هن کان پڇا ڳاڇا ڪري ثبوت ڏنا ويا. عمران خان ۽ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي گڏ ٿيندي. ڇو ته هن ڪجهه شيون عمران خان جي چوڻ تي آءِ ايس آءِ سربراهه طور ۽ ڪجهه رٽائرمنٽ کانپوءِ ڪيون. ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي اڳتي وڌڻ کانپوءِ عمران خان کي به ان ۾ شامل ڪيو ويندو. ٻڌايو وڃي ٿو ته جنرل فيض حميد ۽ اڊيالا جيل جي گرفتار ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم وٽ هڪجهڙيون چائنيز موبائل فون هيون، جن وسيلي هو پاڻ ۾ رابطا ڪندا هئا. هو جنرل فيض جا پيغام فون وسيلي عمران خان تائين پهچائيندو هو. پڇا ڳاڇا دوران جنرل فيض جي ڪجهه اهم ماڻهن سان تلخ ڪلامي به ٿي آهي. هوڏانهن عمران خان – فيض حميد نيٽ ورڪ ۾ شامل نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو به گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، هن کان سڪيورٽي ۽ پروٽوڪول واپس ورتو ويو آهي. ذريعن موجب عمران خان حڪومت ۾ سندس چوڻ تي سياسي مخالفن جون گرفتاريون ڪندڙ نيب جي اڳوڻي چيئرمين خلاف به ڪارروائي ٿيڻ جو امڪان آهي،هن جي لاهور ۾ رهندڙ ڌيئرن جي گهر مان سيڪيورٽي اهلڪار هٽايا ويا آهن،نيب جو چيئرمين هئڻ باوجود جسٽس(ر) جاويد اقبال اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو
-
جنرل فيض خلاف ڪارروائي،آرمي چيف اڳوڻي فوجي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو
اسلام آباد(اعزاز سيد)آرمي چيف جنرل عاصم منير جنرل(ر) فيض حميد جي گرفتاري بابت اڳوڻي فوجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو، 14 آگسٽ تي ڊنر جي موقعي تي آرمي چيف اڳوڻن فوجي سربراهن جنرل راحيل شريف،جنرل اشفاق ڪياني ۽ ٻين سينئر رٽائرڊ فوجي آفيسرن سان ملاقات ڪئي،پي ٽي آءِ حامي رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي دعوت نه ڏني وئي،اهي به ريڊار تي اچي ويا آهن، ملاقات ۾ هن جنرل فيض خلاف ثبوت ڏيکاريا ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي طرح فيض حميد پي ٽي آءِ سان رابطن ۾ هو ۽ اهو به چيو ته فيض حميد خلاف ڪارروائي رڳو منهنجو معاملو ناهي ڪو به آرمي چيف هجي ها ته فوج ۾ بغاوت ڪرائڻ تي اها ڪارروائي ضرور ڪري ها،ٻئي پاسي پرڏيهه ويٺل پي ٽي آءِ حامي يوٽيوبر عادل راجا ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ٽرمپ جي قتل جي ڪوشش ۾ ملوث آمريڪا ۾ گرفتار آصف مرچنٽ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مقرر آءِ ايس آءِ جي اسٽيشن چيف ڪرنل عثمان سان رابطي ۾ هو، جڏهن ته جنرل نديم انجم آرمي چيف بڻجڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي