چٽا ڀيٽي جي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ 70 سيڪڙو اميدوار فيل، نتيجا معطل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سي سي اي 2023ع جي اسڪريننگ 10 آگسٽ 2024 تي ورتل ٽيسٽ جا نتيجا ڪالعدم قرار، ٽيسٽ  ٻيھر وٺڻ جو فيصلو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 22 آگسٽ تي ڪراچي ريجنل آفيس ۾ فل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. جنھن ۾ طئي ڪيو ويو ته ٽيسٽ ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ اميدوارن 50 سيڪڙو کان به گھٽ مارڪون حاصل ڪيون، جنھن سبب ٻيھر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اشتھار نمبر 09/2023 ذريعي گڏيل چٽاڀيٽي امتحان 2023ع بابت آگاھي ڏئي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون ويون، جيڪو 7 نومبر 2023ع تي جاري ٿيو، ان سلسلي ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ 10 آگسٽ 2024ع تي ورتي وئي. جنهن ۾ تمام گهٽ اميدوارن پاران 50 سيڪڙو جي گهربل اسڪور تائين پھچڻ واري معاملي بابت تفصيلي جائزي کانپوءِ اسڪريننگ ٽيسٽ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ماضي جي امتحانن جي تاريخي رجحانن جي روشني ۾ ايندڙ مرحلن ۾ ڪامياب اميدوارن جي تعداد مناسب نه ھجڻ ڪري خالي عهدا ڀرجي نٿا سگھجن. ان ڏس ۾ 22 آگسٽ 2024ع تي ايس پي ايس سي جي فل ڪميشن جي گڏجاڻي رٿي وئي، جتي معاملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. تفيصلي جائزي کانپوءِ سي سي اي-2023 اسڪريننگ ٽيسٽ ٻيھر وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنھن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي تياري ۾ تيزي آڻين ۽ ايندڙ ٽيسٽ ۾ مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ٽيسٽ جي نئين تاريخ بابت وڌيڪ تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.