لطيف ادبي ڪانفرنس، ڀٽائي ظالم حڪمران خلاف ڄمي مقابلو ڪرڻ جو درس ڏنو: گيلاني

کيبر: (رپورٽ: شيراز علي جت) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سالياني لطيف ادبي ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ  چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ظالم حڪمران خلاف ڄمي مقابلو ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، شاهه لطيف جي شاعري آفاقي ۽ سموري انسان ذات لاءِ آهي جنهن تي عمل ڪيو وڃي ته موجوده دور جي مسئلن مان نجات ملندي، شاهه لطيف چاهي ٿو ته سماج ۾ ويڙهه ۽ نفرت نه پر امن ۽ ڀائيچارو هجي تنهن ڪري سندس پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃڻ گهرجي. لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي وزير ثقافت سنڌ سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اسان جي وچ ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني موجود آهي جنهن جو تعلق به هڪ عظيم روحاني سلسلي سان آهي، عرس مبارڪ جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ اسان سندس ٿورائتا آهيون، اسين چيئرمين سينيٽ کي گذارش ڪريون ٿا ته شاهه سائين جي پيغام کي سمورن صوبن جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اسان سان سهڪار ڪن. وزير ثقافت چيو ته ثقافت کاتي پاران عرس مبارڪ دوران شاهه سائين جي پيار، امن ۽ محبت واري پيغام کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن جنهن ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس اهم آهي جتي اديب، دانشور ۽ محقق شاهه سائين جي ڪلام تي تحقيق ڪري مقالا پڙهندا آهن جيڪي اعلي تعليمي ۽ تحقيقي سطح جا هوندا آهن. ادبي ڪانفرنس کي خصوصي خطاب ڪندي ناليواري دانشور اياز لطيف پليجو چيو ته اڄڪلهه جو نوجوان جسم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جم ۾ وڃي ورزش ڪري ٿو پر ذهانت ۽ نئي سوچ لاءِ ڪا مشق نه ٿو ڪري، موبائل فون سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن کي گهٽائي ڇڏيو آهي، دماغ ۽ دل کي طاقتور بنائڻ لاءِ لطيف جي پيغام کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، ان لاءِ اسان کي عام رواجي طريقن کان هٽي ڪري سوچڻو پوندو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي وليم ورڊس ورٿ وانگر قدرت جو شاعر هو، هن پنهنجن ڪردارن ذريعي ماڻهن ۾ همت ۽ جرئت جو جذبو پيدا ڪيو، شاهه لطيف جي شاعري جا موضوع ٻين شاعرن کان مختلف آهن، هو مسلسل جدوجهد، ڪوشش، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مضبوط ٿي بيهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ مدد علي سنڌي، ڪي ايس ناگپال، تاج جويو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، عزيز ڪنگراڻي، شوڪت اڄڻ، ادل سومرو، مختيار ملڪ، اي ڊي لاشاري ۽ ٻين محققن شاهه سائين جي فن، فڪر ۽ فلسفي تي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا.

  1. ثقافت کاتي پاران ڇپايل ٽن ڪتابن جي مهورت

کيبر: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزير ثقافت سنڌ سيد ذوالفقار علي شاهه سميت ٻين مهمانن ثقافت کاتي سنڌ پاران ڇپايل  ٽن ڪتابن جي مهورت ڪئي، جن ۾ ڊاڪٽر شاهه نواز سوڍڙ جي ڪتاب “سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف”، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جي ڪتاب “شاهه جي شاعري ۾ علامت نگاري” ۽ تاج صحرائي جي ڪتاب ”سنڌو وهندو رهندو” جي مهورت ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪلچر منور علي مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ، ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر علي شاهه، ڊائريڪٽر ڪلچر حبيب الله ميمڻ، شير محمد مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم سولنگي، نصير مرزا سميت ٻين شرڪت ڪئي.

  1. سينيٽ چيئرمين درگاهه ۾ شاهه جو راڳ ٻڌو،  سکر حيدرآباد موٽر وي جلد مڪمل ٿيڻ کپي: گيلاني

کيبر: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سان گڏ درگاهه ۾ شاهه جو راڳ ٻڌو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته شاهه لطيف جي اڱڻ ۾ موجود آهيان، عرس مبارڪ جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيڻ تي سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار  علي شاهه ۽ سنڌ حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڀني کي گڏجي هلڻ گهرجي، هي اختلافن جو نه پر متحد ٿي گڏ ڪم ڪرڻ جو وقت آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته غريبن کي نوڪريون ڏيڻ تي 9 سالن تائين جيل ڀوڳڻو پيو پر ڪڏهن به ڪنهن جج نه ڪنهن اداري جو نالو ورتم، نه ڪا شڪايت ڪئي ۽ رياستي ڳجهي معلومات کي به ظاهر نه ڪيو، آئون تنقيد نٿو ڪريان ته ڪنهن کي جيل وڃڻ کپي ۽ ڪنهن کي نه، رليف ڏيڻ عدالتن جو ڪم آهي. هڪ سوال تي سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن مولانا صاحب تبديلي جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ اهي ماڻهو اچي ويندا ۽ مولانا صاحب کي اسان سان گڏ ويهڻو پوندو، عدالت کي گهرجي ته جلد 9 مئي واقعي جو انصاف ڪري. سکر حيدرآباد موٽروي بابت سوال تي هن چيو ته ان معاملي تي سينيٽ ۾ ڳالهه ٿيندي، سکر حيدرآباد موٽر وي رٿا جلد مڪمل ٿيڻ کپي، ڪراچي ملڪي معيشيت جو مرڪز آهي ان لاءِ موٽروي منصوبو جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.