اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جو آئين قومي وحدت جو نشان آهي.اسلام آباد ۾ يوٿ ڪنوينشن ۾ وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن نوجوان نسل کي موقعو ڏنو وڃي ته ماضي جا نقصان ختم ٿي ويندا، پاڪستان ڏانهن ڪو به ميري اک سان ڏسي نه سگهندو، ان سفر ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي ٻئي آهن، جيڪڏهن پاڪستان کي ڪنهن ڳنڍي رکيو آهي ته اهو 1973ع جو آئين آهي.هنن چيو ته اسان جو آئين قومي وحدت جي نشاني آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود اسان ايٽمي طاقت بڻجي وياسين، قيامت تائين دشمن اسان کي ميرين اکين سان نه ڏسي سگهندا، اسان جي بزرگن قربانيون ڏئي دهشتگردي جي ناسور کي دفن ڪيو، پر ڪوتاهين سبب دهشتگردي واپس اچي وئي آهي، هن چيو ته هڪ زماني ۾ اوڀر پاڪستان اسان جو حصو هو پوءِ اهو جدا ٿي ويو، پر جنهن پاڪستان خلاف تحريڪ شروع ڪئي ۽ چيو ته ٻه قومي نظريو ختم ٿي چُڪو آهي، ته اڄ ڏسو ان جي مجسمن سان ڇا ٿيو؟ شهباز شريف چيو ته مون ڪابينا کي چئي ڇڏيو ته بجلي هڪ چئلينج آهي، اسان 200 يونٽن وارن کي 50 ارب جي سبسڊي ڏني ته جيئن کين رليف ملي، اڄ پاڪستان کي ورهائڻ جي نه اتحاد جي ضرورت آهي.