ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 3000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ استعمال نه ڪري رهي آهي اها سڌي فيصل آباد ڏانهن وڃي رهي آهي، اها بجلي سنڌ استعمال نه پيو ڪري. سنڌ پنهنجي پيدا ٿيندڙ گيس به استعمال نه پيو ڪري جيتوڻيڪ آئين ۾ لکيل آهي ته قدرتي وسيلن تي لاڳاپيل صوبي جو پهريون حق آهي.هڪ طرف اسان 40 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون پر اسان جي ضرورت 30 هزار ميگاواٽ آهي، اسان عوام کان ڏهه هزار اضافي ميگاواٽ تي اضافي اوڳاڙي رهيا آهيون. بجلي مهانگي سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن ۽ پنجاب ننڍن شهرن ۾ به ننڍي پيماني تي صنعتون قائم ڪيون آهن، اهو بهترين ماڊل آهي. هن اها ڳالهه ٿر جو دورو ڪري واپس آيل لاهور جي صحافين جي وفد سان ڳالهيون ڪندي چئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صنعتن کي بچائڻ ۽ اضافي بجلي کپائڻ لاءِ وڏي تجويز ڏيندي چيو ته فيڪٽرين کي هڪ شفٽ ۾ سستي بجلي ڏني وڃي، ٿرڪول سڄي ملڪ لاءِ سستي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو.. اسان پئسو قومي مفاد جي منصوبن تي لڳايو آهي جيڪڏهن چاهيون ها ته ميگا پراجيڪٽ ٺاهي ان تي سياست ڪريون ها پر اسان سڄي ملڪ جو سوچيندا آهيون. هن چيو ته منهنجي تجويز آهي ته جيڪي ڪارخانا 8 ڪلاڪن جي هڪ شفٽ ڪري رهيا آهن انهن کي ٻي شفٽ هلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ ٻي شفٽ ۾ گهٽ اگهه تي بجلي فراهم ڪئي وڃي، جيڪڏهن اسان بجلي سستي ڪئي ته گهرج وڌي ويندي. ٿرڪول سڄي ملڪ لاءِ سستي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. هن وقت به ٿر مان 3000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي فيصل آباد وڃي ٿي. اها بجلي سنڌ استعمال نه پيو ڪري. اسان پنهنجي پيدا ٿيندڙ گيس به استعمال نه پيا ڪريون جيتوڻيڪ آئين ۾ لکيل آهي ته قدرتي وسيلن تي لاڳاپيل صوبي جو پهريون حق آهي. وڏي وزير چيو ته 2014ع ۾ سنڌ حڪومت ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ٺاهي، ان ڪمپني نوري آباد کان ڪراچي تائين بجلي جي ٽرانسميشن لائين وڇائي، هاڻي اسان پاور جنريشن ڪمپني ٺاهي آهي، هاڻي ٽيرف سنڌ حڪومت پاڻ مقرر ڪندي. وڏي وزير پنجاب جي ننڍي صنعتن جي ماڊل کي ساراهيو. هن چيو ته پنجاب ننڍن شهرن ۾ به ننڍي پيماني تي صنعتون قائم ڪيون آهن، اهو بهترين ماڊل آهي، سنڌ حڪومت ننڍي پيماني جي صنعتن کي هٿي وٺرائي رهي آهي، اسان ٿر ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪري رهيا آهيون. انجنيئرنگ يونيورسٽي جا ٻار ٽيڪنيڪل ڊگري حاصل ڪري اتي ڪم ڪندا، وڏي وزير اڳڪٿي ڪئي ته 40 سالن کانپوءِ ٿر ڪراچي کان به وڏو شهر هوندو. ڪراچي ۽ لاهور جي ڀيٽ ڪرڻ تي وڏي وزير چيو ته ٻنهي شهرن جي ڊيزائن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. لاهور ۾ ڪراچي جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ برسات پوندي آهي تنهنڪري ان جي جوڙجڪ اهڙي آهي. ڪراچي جي ڊيزائن موجب 25 ملي ميٽر برسات معمول مطابق آهي. مراد علي شاهه بار بار ٻوڏ جا سبب بيان ڪيا. هيلٿ انشورنس بابت سوال تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومت وٽ جيڪو پيسو آهي اهو عوام جي امانت آهي، اسان عوام جو پيسو عوام تي لڳائي ماڻهن جي زندگين کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان نه ٿا چاهيون ته ماڻهن جي انشورنس ڪري 50 سيڪڙو انشورنس ڪمپنين ۽ خانگي اسپتالن کي ڏيون. اسان چاهيون ٿا ته اهي فنڊ سرڪاري اسپتالن ۾ لڳايا وڃن ته جيئن ماڻهن جو مفت علاج ٿئي، اسان جون جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ، سائبر نائف، گمبٽ اسپتالون گهڻيون ڪامياب آهن، اين آءِ سي وي ڊي ۾ 30 چيسٽ پين يونٽ آهن جيڪي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، لاهور جي وفد جي اڳواڻي لاهور پريس ڪلب جي صدر محمد ارشد انصاري ڪئي، وفد ۾ نائب صدر امجد عثماني سميت مختلف تنظيمن جا 70 صحافي شامل هئا. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري اطلاعات نديم ميمڻ پڻ موجود هئا.