ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڪارساز سانحي شهرين ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن ۾ شديد ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڪار حادثي ۾ غريب پيءُ ۽ ڌيءَ جي موت تي جوابدار نتاشا خلاف سوشل ميڊيا تي واهپيدار ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن. جوابدار کي ذهني مريض قرار ڏيڻ جي ڪوشش تي سوشل ميڊيا تي واهپيدار سخت رد عمل ڏئي رهيا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن. سوشل ميڊيا واهپيدارن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي جوابدار نتاشا بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن. هڪ صارف امير قاتلن لاءِ پاڪستان کي جنت قرار ڏيندي لکيو آهي ته شاهه رخ جتوئي، ظاهر جعفر ۽ ٻين ڏوهارين کي ڪجهه نه ٿيو ته نتاشا کي ڪير نقصان پهچائيندو؟ هڪ ٻئي صارف سوال ڪيو ته ذهني مريضا ٻن ڪمپنين جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ 7 ڪمپنين جو ڊائريڪٽر ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هڪ ٻئي سوشل ميڊيا صارف پوسٽ ڪئي ته نتاشا جي دولت انصاف تي غالب ٿيندي پر انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا آهن؟ سوشل ميڊيا واهپيدارن حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ناري آمنه ۽ سندس والد کي انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪندي چيو ته جوابدار خاتون کي سخت سزا ڏني وڃي.
-
غوثپور مان اغوا ٿيل ڪراچي واسي آزاد نه ٿيو، زنجيرن سان ٻڌي تشدد جي وڊيو وائرل
غوثپور(ن ع آ) غوثپور 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ڪراچي واسي شير محمد پٺاڻ بازياب نه ٿي سگهيو مغوي جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڏوهارين پاران مغوي کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪري وڊيو وارثن ڏانهن موڪليو ويو مغوي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو وارثن جو احتجاج ڪندي چيو ته ڏوهارين پاران دوکي سان گهرائي اغوا ڪيو هو ڪشمور پوليس مغوي کي بازياب نه ڪرائي سگهي اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪيون ته اغوا ٿيل مغوي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو
اوٻاوڙي لڳ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ، 4 ڄڻا زخمي، عورت ٻن ٻارڙن سميت اغوا
اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙي لڳ ڳوٺ جنگل ملڪ ۾ مبينا ڪارنهن الزام تان چاچڙ ۽ گولاٽا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ، لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جتي هڪ ڌر جي ڳولاٺا برادري جا 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سهراب گولاٽو، علي داد گولاٽو، علي محمد گولاٽو ۽ ٻيا شامل آهن، گولاٽا برادري جو چوڻ هو ته چاچڙ برادري جي اغوا ڪندڙ شير چاچڙ وارن اسان مٿان ڪارنهن جو الزام هڻي اسان جي گهر تي حملو ڪري هڪ عورت ۽ ٻن ٽن ٻارڙن کي به اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ اسان جا ماڻهون زخمي به ڪري ويا آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اوٻاوڙو پوليس ٻڌايو ته عورت ۽ ٻارڙا اغو ٿيل واپس ڪرائي ورتا آهن زخمين جو علاج ڪرايو ويو آھي ۽ وڌيڪ جهيڙي کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.