ثاقب نثار 9 مئي واقعن ۾ ملوث نه هئڻ جا قسم کڻڻ لڳو!

اسلام آباد (انصار عباسي) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف  جسٽس ثاقب نثار آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد سان رابطن جي تصديق ڪئي آهي. ثاقب نثار چيو ته هن جا فيض حميد سان سماجي رابطا هئا، جنرل فيض حميد جي ڌيءُ جي ڪجهه وقت اڳ شادي ٿي هئي، ان ۾ ملاقات ٿي هئي. اسان موبائل تي نيڪ خواهشن جي پيغامن جي ڏي وٺ ڪندا هئاسين. باقي هن سان گهري دوستي نه هئي. هن چيو ته جڏهن مان چيف جسٽس هئس ته ان وقت هو سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان ملاقات ڪرڻ ايندو هو. هو منهنجي اطلاع لاءِ مونکي پيغام موڪليندو هو. هن چيو ته جنرل فيض منهنجي عزت ۽ احترام ڪندو هو ۽ هن سان سٺو تعلق هو. هن قسم کڻندي چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ جي سياست يا 9 مئي جي واقعن سان ڪو به تعلق ناهي. جنرل فيض جي ڪمن سان به منهنجو واسطو ناهي. هن چيو ته 9 مئي جي حوالي سان جنرل فيض حميد ۽ عمران خان جي ٽرائڪا جو ملندڙ تاثر غلط آهي. هن چيو ته اهو غلط آهي ته مان گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ پرڏيهه ويو آهيان، هن چيو ته مان هن وقت برطانيا ۽ يورپ جي دوري تي آهيان ۽ 5 سيپٽمبر تي وطن واپس ايندس. هن چيو ته مونکي ڪنهن به قسم جي پريشاني ناهي. اڳوڻي چيف جسٽس مطابق هن جي خاندان  جي اترين علائقن جي دوري دوران جنرل فيض سڀني جو گهڻو خيال رکيو هو، جڏهن مان چيف جسٽس هئس ته ان وقت جنرل فيض هن جي رجسٽرار سان ملاقات ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن رڳو هن لاءِ ”فار يوئر آئيز اونلي“ نوعيت جا ذاتي پيغام موڪليندو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.