بجلي ٻن مهينن لاءِ سستي ٿي، ٽئين مهيني ڇا ٿيندو؟شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي سينئر وزير وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پ پ صرف هڪ صوبي لاءِ ڪم نه ٿي ڪري، پ پ قيادت سڄي ملڪ لاءِ سوچي رهي آهي. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گذريل ڏھاڙي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مريم نواز جي تقرير ٻڌي افسوس ٿيو، بجلي جون قيمتون وزير اعظم وڌايون آھن، ننڍي ڀاءُ بجلي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون ۽ وڏي ڀاءُ پنجاب ۾ ٻن مھينن لاءِ گهٽايون. سياست آئون به ڪري سگھان ٿو،  ليڊر جو ويزن ٻن مھينن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ ناھي ھوندو، عوام کي مستقل رليف ڏنو وڃي. بجلي جا بل پيپلز پارٽي نه وڌايا آھن. شھيد بي بي  کي پاڪستان ۾ توانائي جي بحران  جو ادراڪ ھو، ھن سستي بجلي جي لاءِ ٿرڪول منصوبي جو تصور ڏنو. سنڌ سرڪار پنھنجا سمورا وسيلا لڳائي  ٿر ڪول منصوبي کي فعال ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بجلي رڳو پنجاب جي لاءِ نھ پر پوري پاڪستان جي لاءِ سستي ڪرڻ گھرجي، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار سستي ترين بجلي ٿرڪول مان ڏئي رھي آھي، سنڌ سرڪار رڳو پنھنجي صوبي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ بجلي ڏئي رھي آھي. چيئرمين بلاول ڀٽو زردار گذريل ڏينھن جناح اسپتال ۾ 120 بسترن تي ٻڌل ڊپارٽمينٽ آف سائيڪياٽري اينڊ بيھيورل سائنسز، 110 بسترن تي ٻڌل ڊپارٽمينٽ آف نيورولوجي، اسٽروڪ يونٽ ۽ جديد ترين سائبر نائيف جو افتتاح ڪيو، جنھن تي پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.