لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز نالو کڻڻ بنا چيو ته ڪنهن اهي لفظ استعمال ڪيا ته بجلي سستي ڪرڻ بيوقوفي آهي، ان تي کِل آئي، ڪرپشن جو پئسو کيسي ۾ وجهڻ، پروٽوڪول تي پئسا خرچ ڪرڻ، هيلي ڪاپٽرن، جهازن، گاڏين جي قافلن تي پئسا خرچ ڪرڻ ڇا بي وقوفي ناهي؟ باقي عوام کي رليف ڏيڻ بي وقوفي آهي.هن چيو آهي ته بجلي بلن ۾ رليف شارٽ ٽرم نه پر ٻن مهينن جو آهي ۽ ان کانپوءِ تمام وڏو سولر پروگرام آڻي رهيا آهيون، جيڪو عوام کي وڌيڪ بلن کان ڇوٽڪارو ڏياريندو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آئون چاهيان ٿي ته سڄي ملڪ کي رليف ملي، پنجابي بعد پهرين پاڪستاني آهيان، پنجاب ۾ رليف مونکي ڪنهن تحفي ۾ نه ڏٺو آهي، مريم نواز ليپ ٽاپ اسڪيم ٻيهر شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، هن چيو ته 25 ارب رپين سان اسڪالرشپ اسڪيم شروع ڪري رهيا آهيون، بائيڪس ڏئي رهيا آهيون، جنهن سان شاگردن کي اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي، جڏهن ته 61 بسون انهن تعلقن ۾ ڏئي رهيا آهيون، جتي اسڪول بسون ناهن،