لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 2 ارب 51 ڪروڙ 86 لک رپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پنج ضلعن لاڙڪاڻو، قمبرشهداڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ لاڙڪاڻي جي ميئر جي اهليت کي وائکو ڪري ڇڏيو. آڊٽ رپورٽ موجب لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ سرڪاري انگ اکرن جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ، خريداري ۾ گهوٻين سبب 2 ارب 51 ڪروڙ ،86 لک رپيا مبينا طور هڙپ ڪيا ويا. ڊويزن جي هيٺين لوڪل ڪائونسلن جي آڊٽ دوران مالي سال 2021-22 ۽ 2022-23 موجب انتظاميا فيوميگيشن ڊي واٽرنگ مشينن، ڊيزل انجڻين، فائبر ٽينڪ، سولر پينلز، اليڪٽريڪل سامان، صفائي جو سامان، پي وي سي، آر سي سي، اسٽيشنري، فيوميگيشن ڪيميڪل، ٽائر، ليم پائوڊر ۽ ٻين شين جي خريداري تي 4 ڪروڙ 28 لک، 28 هزار رپيا خرچ ڪرڻ باوجود اسٽاڪ رجسٽر کي برقرار نه رکيو. اهڙي ريت لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن ۽ شڪارپور ميونسپل ڪارپوريشن ۾ مقرر ڪيل بجيٽ کان 10 ڪروڙ 60 لک رپيا وڌيڪ خرچ ظاهر ڪيو ۽ 12 سالن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ گهوٻين جو ڪنهن به ذڪر نه ڪيو نه ئي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ گهوٻين بابت مسئلو اٿاريو ويو. لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا ٽيڪس وصولي باوجود 3 ارب 68 ڪروڙ، 68 لک رپين جو خسارو پڻ ڏيکاريو ڇڏيو. آڊٽ کاتي پاران ننڍيون وڏيون بي ضابطگيون گڏ ڪري مجموعي طور لاڙڪاڻي جي پنجن ئي ضلعن ۾ 2 ارب 51 ڪروڙ 86 لک رپين جي گهوٻين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. گهوٻين ۽ خساري بابت آڊٽ کاتي ڄاڻايو. نوٽنگ ۾ سفارش ڪئي وئي ته گهوٻين جو سبب اندروني مالي ڪنٽرول جو ڪمزور هجڻ آهي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز پاران لاڙڪاڻي جي ميئر انور علي لهر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميئر انور علي فون اٽينڊ نه ڪئي.