بلاول پاران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب نقصان تي پڇاڻو

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتن جو وڊيو لنڪ اجلاس  ٿيو، جنهن دوران بلاول ڀٽو زرداري کي بلوچستان جي آبپاشي واري وزير صادق عمراڻي ۽ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي ورڇ واري فارمولي تي سنڌ ۽ بلوچستان پاران ارسا جي پليٽ فارم تي هڪ موقف اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب نقصانن بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي صوبائي وزيرن نقصانن بابت بريفنگ ڏني.جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتي جي وزيرن کان برساتن سبب واهن جي بندن کي ٿيل نقصان جا تفصيل طلب ڪيا جنهن تي وزيرن پاران بندن کي پهتل نقصان ۽ ان جي ازالي لاءِ ڪيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.