ٿرجي ڪوئلي مان چار هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي پئي: ناصر شاهه

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت بجلي بلن ۾ گهٽتائي واري پلان تي ڪم ڪري رهي  آهي،آءِ پي پيز جي ڪري بجلي جو ٽيرف تمام گهڻو آهي، ڪو به صوبو پنهنجي ماڻهن کي رليف ڏئي ٿو ته ان تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم درست ڳالهه ڪئي آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وڏي وزير جي بيان تي مريم نواز ڪجهه سخت ئي بيان ڏئي ڇڏيو آهي،مراد علي شاهه ڪجهه ٻيو چوڻ پئي چاهيو،هن چيو ته بجلي بلن جو مستقل حل اسان ٺاهيو آهي، سولر ۽ ونڊ منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي بجلي جي ضرورت ساڍا ٽي هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ ناهي،رڳو ڪراچي جي طلب اڍائي هزار ميگاواٽ آهي، اسان سستي ڪوئلي مان ٽي چار هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون،باقي ٻيا پلانٽ ته الڳ آهن،سمورا صوبا گڏجي 70 ارب رپيا ڏين ته عوام کي بجلي جي بلن ۾ مستقل رليف ملي سگهي ٿو،آءِ پي پيز سان مشاورت ڪري قدم کنيو وڃي، اسان سڄي ملڪ جي ڳالهه ڪريون ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.