ڀٽائي جي ميلي ۾نرالو ثقافتي ڳوٺ، سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا گهري: گورنر

ڀٽ شاهه/ هالا/ کيبر/ مٽياري(نمائندن وٽان) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو 281 هين عرس مبارڪ ڪالهه کان شروع ٿي ويو، گورنر ڪامران ٽيسوري مزار تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار  علي شاهه ميلي ۾ قائم ڪيل ثقافتي ڳوٺ جو افتتاح ڪيو، سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران شاهه جو باغ ۾ قائم رنگ برنگي ثقافتي ڳوٺ ۾ 40 کان وڌيڪ دستڪاري جا خوبصورت اسٽال لڳايا ويا آهن. ثقافتي ڳوٺ پهچڻ تي صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه جو دهل ۽ شرنائين جي گونج ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. ثقافتي ڳوٺ ۾ رلي، اجرڪ، ٽوپي، جنڊي، ڪاشي، ٺڪر جا ٿانو، سوسي، لونگي ۽ ڪتابن جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن جيڪي لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي آيل پانڌيئڙن جي دلچسپي ۽ توجهه جو مرڪز رهيا. ميلي جي پهرئين ڏينهن تي ملاکڙا گرائونڊ تي سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي پاران ملاکڙو ڪرايو ويو جنهن جي ميزباني ڊي ڊي او اسپورٽس مريم ڪيريو ڪئي، ميلي جي پهرئين ڌمال تي ٿيل ملهه مقابلن ۾ پهرئين ٻئي ۽ ٽئي جوڙ جي ملهه پهلوانن طاقت ۽ زور آزمائي جو سخت مقابلو ڪري مخالف ملهن کي دسي خوب داد وصول ڪيو، عرس مبارڪ جي افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ ولين ۽ صوفين جي ڌرتي آهي جتان هميشه امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام مليو آهي، اسان سڀ وڏا خوشنصيب آهيون جو اهڙي پياري ڌرتي اسان کي ملي آهي، اڄ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ باعث سعادت آهي، هتي اسان سنڌ جي خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشيت ۾ سنڌ جو نوي سيڪڙو حصو آهي، هن صوبي ڏکي صورتحال کي منهن ڏنو آهي جتي بجلي، پاڻي، گيس ۽ بهتر تعليم جا مسئلا آهن جن جي حل لاءِ اڄ اسان دعا گهري آهي، سنڌ صوبو  ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هي صوبو انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڳڙهه بڻجندو، هڪ سوال تي گورنر سنڌ چيو ته هاڻوڪين برساتن جي نقصانن کي ڏسندي ڏک ٿيو آهي، برسات متاثرن جي مدد لاءِ وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي خط لکيو آهي. گورنر سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت سان ڪو مقابلو نه آهي اسان سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته صوبي جي ڀلائي لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪريون، پيپلز پارٽي سان اختلافن بابت سوال جي جواب ۾ گورنر چيو ته منهنجا صدر آصف علي زرداري سان پنجويهه سال پراڻا سٺا تعلقات آهن جڏهن ته صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه مون لاءِ ننڍن ڀائرن جهڙو آهي ۽ آئون عوامي گورنر آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.