ڪارسازحادثو:امير عورت نفسياتي مريض هئي ته گاڏي هلائڻ ڇو ڏني وئي؟

اسلام آباد(عمر چيما)ڪارساز حادثي ۾ عورت جوابدار اوچتو نفسياتي مريض ڄاڻائي وئي آهي،جوابدار عورت وٽ جيڪڏهن برطانيا جو ڊرائيونگ لائسنس آهي ته ڇا اتان جي حڪومت سندس نفسياتي معائنو نه ڪيو؟ جيڪڏهن عورت واقعي نفسياتي مسئلن مان گذري رهي هئي ته توهان هن کي گاڏي هلائڻ ڇو ڏني؟ هن جي  ضمانت لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن،اوچتو کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، ان قسم جا ماڻهو جيل ۾ وڃن ته اتي به کين وي آءِ پي پروٽوڪول ملندو آهي،هن ملڪ جو الميو آهي ته پورو سسٽم ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، پراسيڪيوشن ۽ پوليس به جسٽس نظام جو حصو آهي، هن سانحي ۾ پئسو کٽيندي نظر اچي رهيو آهي، فوت ٿي ويل غريب پيءُ ڌيءَ جي حق ۾ پورو پاڪستان گڏ بيٺو آهي،برطانيا يا ڪنهن مغربي ملڪ ۾ ان قسم جو حادثو ٿئي ها ته ڀلي ڪو وڏو وڪيل ڇو نه هجي ها عورت جوابدار جيل ۾ هجي ها ،نفسياتي مسئلو ته بعد ۾ ڏٺو وڃي ها،

  1. ڪارساز حادثو: عورت صنعتڪار جي زال نڪتي، بچائڻ جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر) حادثي جو سبب بڻجندڙ لينڊ ڪروزر گاڏي مقبول صنعتڪار دانش اقبال جي زال نتاشا اقبال هلائي رهي هئي. ذريعن جو  چوڻ آهي ته جوابدار عورت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ عورت کي ذهني مريض ڄاڻايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ ڪار ساز روڊ ويجهو تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت پوليس شروعاتي جاچ مڪمل ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت ڪي ڊي اي اسڪيم ون ۾ واقع بنگلي مان گاڏي ۾ نڪتي هئي، شڪ آهي ته عورت وائڙي ٿي وئي ۽ بريڪ بدران ايڪسلريٽر تي پير رکيائين جنهن سبب نقصان ٿيو. هن وقت تائين گرفتار عورت ڊرائيور جو بيان قلمبند ناهي ٿي سگهيو، ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس بهادر آباد ٿاڻي تي فوتي عارف جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويوٻئي پاسي ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي ترجمان چيو ته سوشل ميڊيا تي پوليس تي غلط الزام لڳي رهيا آهن،جاچ ميرٽ تي ٿيندي، ڪو به ماڻهو قانون کان مٿانهون ناهي،جاچ ونگ چالان عدالت ۾ پيش ڪندي،ٻه قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن.

  1. جوابدار نتاشا جي ضمانت جي درخواست رد، جسماني رمانڊ منظور

ڪراچي (رپورٽر) ڪارساز وٽ گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوتگي واري ڪيس ۾ پولیس جوابدار عورت جي جسماني رمانڊ جي  گهر ڪئي، عدالت جوابدار نتاشا جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو. جوابدار عورت جي وڪيل عامر منسوب جو موقف هو ته سندس موڪلا جي ذهني ڪيفيت درست ناهي هو جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، کيس ضمانت ڏني وڃي. عدالت چيو ته جوابدار عورت جي پيشي کانسواءِ ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. عدالت خاص مئجسٽريٽ جا فرض انجام ڏئي رهي آهي، عدالت کي ضمانت ڏيڻ جو اختيار ناهي. عدالت هڪ ڏينهن جو رمانڊ ڏئي رهي آهي، سڀاڻي عورت کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت حڪم ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار پيش ٿيڻ جوڳو ناهي ته سندس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گرفتاري وقت جوابدار جو ڊرائيونگ لائسنس قبضي ۾ ورتو ويو یا موجود آهي؟ جاچ آفيسر عدالت جي سوال جي جواب ۾ ڪنڌ لوڏي نه ۾ جواب ڏنو. وڪيل عامر منسوب جو چوڻ هو ته سندس موڪلا وٽ پاڪستاني نه برطانوي لائسنس آهي، جنهن جي جواب ۾ عدالت چيو ته ڇا يو ڪي جو لائسنس پاڪستان ۾ قابل قبول ٿي سگهندو اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ عدالت عورت کي اڄ (اربع تي) لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

  1. عمران عارف ڌيءَ آمنا کي گهٽين ۾ پاپڙ وڪرو ڪري پاليو

ڪراچي (رپورٽر) ڪارساز حادثي ۾ فوت ٿي ويل عمران ۽ آمنا جو مڙهه رهائشگاهه نيو ويو. مسجد گلزارهجري ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، پيءُ ۽ ڌيءُ کي ماڊل ڪالوني قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوتين جي گهرڀاتين موجب فوتي عمران عارف پنهنجي ڌيءُ آمنا کي نجي ڪمپني مان وٺي گهر وڃي رهيو هو ته لينڊ ڪروزر کين ٽڪر هنيو. فوتڻ آمنا گهر ۾ سڀ کان ننڍي، پيءُ جي لاڏلي هئي ۽ سندس پيءَ کيس گهٽين ۾ پاپڙ وڪرو ڪري تعليم ڏياري ۽ ايم بي اي ڪرائي. فوتي پيءَ ۽ ڌيءُ جي گهرڀاتين موجب جڏهن نياڻي پيءَ جو هٿ ونڊائڻ جوڳي بڻي ته ساڻن حادثو پيش آيو، کين انصاف گهرجي. فوتي عمران عارف اسڪيم 33 گلزار هجري ۾ هڪ بيڊ لائونج فليٽ ۾ رهندو هو ۽ گذاري لاءِ پاپڙ وڪرو ڪندو هو، عمران جون 2 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي، آمنا نجي ڪمپني جي ملازم هئي.

  1. جوابدار عورت جي تڪڙ ۾ جناح اسپتال منتقلي،پئسي جي طاقت يا اثر رسوخ؟

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڪارساز روڊ حادثي جي مرڪزي ملزمه عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران نتاشا جناح اسپتال جي نفسياتي ورڊ منتقل ڪئي وئي،سماجي حلقا اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته حادثي جي فوري بعد جوابدار عورت کي عدالت بدران اسپتال جي نفسياتي وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ ڪٿي کيس پهرين ڏينهن کان بچائڻ جي سازش ته ناهي، اها منتقلي نوٽ جي ”چمڪ“ هئي يا سياسي اثر رسوخ هو؟ ٻئي پاسي پوليس رپورٽ مطابق جناح اسپتال جي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر چني لال ٻڌايو ته عورت علاج هيٺ آهي، هو ڪنفيوز آهي ۽ هوش حواس ۾ ناهي ان ڪري کيس عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي

  1. لينڊ ڪروزر ۾ ماڻهو مارڻ پاڪستان ۾ ”ثواب“ جو ڪم آهي: سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪارساز روڊ حادثي کانپوءِ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صارفن عورت ۽ ملڪ جي نظام تي سخت تنقيد ڪئي، صنم جمالي  لکيو ته ڳڻتي نه ڪريو، لينڊڪروزر ۾ ماڻهو مارڻ تي پاڪستان ۾ ثواب جو ڪم آهي، سڀاڻي تائين اها عورت گهر هلي ويندي، ثقلين شريف انصاف جي نظام تي سوال اٿاريندي چيو ته هاڻي ان عورت کي ذهني طور معذور قرار ڏئي بچايو ويندو،لائبه چوڌري لکيو ته جيڪڏهن اها عورت واقعي نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائي رهي هئي ته ان کي سخت ترين سزا ڏني وڃي، تنوير اعواڻ لکيو ته هاڻي اها عورت اي سي جي ڪمري ۾ ويٺل آهي ڇو ته هن جي مڙس وٽ پئسو آهي، جيڪڏهن ان جي جاءِ تي ڪو غريب هجي ها ته اڃا به لاڪپ ۾ هجي ها، بدقسمتي اها اهي ته اسان جي ملڪ ۾ طاقتور ۽ عام ماڻهو لاءِ الڳ الڳ قانون آهي،

  1. عمران عارف ڌيءُ آمنا کي ڪمپني مان کڻي گهر وڃي رهيو هو

ڪراچي (رپورٽر) ڪارساز حادثي ۾ فوت ٿي ويل عمران ۽ آمنا جو مڙهه رهائشگاهه نيو ويو. مسجد گلزارهجري ۾ جنازي نماز ادا ڪئي  وئي، پيءُ ۽ ڌيءُ کي ماڊل ڪالوني قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوتين جي گهرڀاتين موجب فوتي عمران عارف پنهنجي ڌيءُ آمنا کي نجي ڪمپني مان وٺي گهر وڃي رهيو هو ته لينڊ ڪروزر کين ٽڪر هنيو. آمنا ٽن ڀائرن مان سڀ کان وڏي هئي ۽ ايم بي اي ڪري رهي هئي، سندس پيءُ سائيڪل تي گهٽين ۾ پاپڙ وڪرو ڪندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.