اسلام آباد (فخر دراني) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد جي گرفتاريءَ کي هفتو ٿي ويو، کيس انڪوائريءَ لاءِ گهرائي گرفتار ڪيو ويو هو، کانئس آڏي پڇا جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ اهم انڪشاف ٿيا آهن، معلوم ٿيو آهي ته 9 مئي جي واقعن دوران عمران خان ۽ فيض حميد ۾ رابطا هئا. پاڪ فوج جي عوام کان لڪيل 200 ڳجهن هنڌن تي حملا ڪري انهن کي ساڙيو ويو، انهن هنڌن بابت پي ٽي آءِ کي معلومات ڏيندڙ جنرل فيض حميد هو. عمران خان ۽ جنرل فيض حميد 9 مئي بابت منصوبابندي ڪئي هئي. ڊسمبر 2022 ۾ جنرل فيض حميد جي رٽائرمنٽ کانپوءِ عمران خان جي بيانن جو ٽارگيٽ فوج ٿي وئي هئي. تمام جلد عمران خان کان 9 مئي جي حوالي سان ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويندو. فيض حميد سان رابطن جي تصديق کانپوءِ عمران خان جو گهيرو تنگ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف عمران خان ۽ جنرل فيض حميد سان رابطن جي تصديق کانپوءِ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف ڪارروائي جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، هن خلاف عدالتن ذريعي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن خلاف ڪي ڪيس ٻيهر کلي سگهن ٿا.