راولپنڊي (م ڊ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مبينا سهولتڪاري جي معاملي تي جيل جي وڌيڪ 6 ملازمن کي حراست ۾ ورتو ويو. ذريعن موجب حراست ۾ ورتل جيل ملازمن ۾ 3 عورتون به شامل آهن، جن ۾ هڪ عورت سوئيپر، ٻه ليڊي وارڊنز ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي نگراني ڪندڙ 3 اهلڪار شامل آهن، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عورتن جو اسٽاف جيل ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني وچ ۾ پيغام پهچائيندو هو، جڏهن ته حراست ۾ ورتل ملازمن جون موبائلون به قبضي ۾ ورتيون ويون آهن، ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ نگراني لاءِ افرادي قوت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته ان کان اڳ عمران خان جي سهولتڪاري جي الزام ۾ اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي به حراست ۾ ورتو ويو هو، جڏهن ته اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ بلال کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.