مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ بدامني تي آءِ جي کي خط لکي ڇڏيو

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ بدامني، لاقونيت ۽ڌاڙيل راڄ واري صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ بدامنيءَ جي باھ ٻري پئي آهي، ڪير به محفوظ ناهي، هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ توڙي سنڌ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ توهان ڇا ڪيو آهي؟ تفصيلي بريفنگ ۾ سمري پيش ڪندا، مخدوم جميل الزمان جي پي ايس ڪاشف ڀٽو پاران جاري ڪيل خط ۾ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ بدامني ۽ هندن جي لڏپلاڻ تي هنگامي بريفنگ ڏني وڃي. جنهن ۾ مخدوم جميل الزمان ذاتي طور شريڪ ٿيندو، ڪاشف ڀٽو موجب آءِ جي سنڌ پاران ملندڙ رپورٽ کي مخدوم جميل الزمان قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري سنڌ ۾ امن امان جي افسوسناڪ صورتحال تي تفصيلي طور ڳالھائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.