سنڌ حڪومت پريشان آهي ته پنجاب بلن ۾ رليف ڇو ڏنو؟ عظميٰ بخاري

لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان سنڌ حڪومت پريشان آهي ته پنجاب حڪومت بجلي جي بلن ۾ ڇو رليف ڏنو آهي. عظميٰ بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ پريشان آهي. مريم نواز پنهنجي صوبي جي فنڊن مان عوام کي رليف ڏنو آهي. هن سعيد غني کان مطالبو ڪيو ته ساڙ نه ڪريو، همت ڪري سنڌ جي عوام کي رليف ڏيو.عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته عوام جي رليف تي بي بنياد سياست ڪرڻ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. مريم نواز نواز شريف جي ڌيءَ آهي ۽ نواز شريف هميشه عوام جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته عوامي پارٽي هجڻ جي دعويدار جا سمورا وزير ۽ ترجمان ٽن ڏينهن کان عوامي رليف خلاف بيان ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.