اسلام آباد(بيورو/م ڊ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي اختيار اورانگهڻ قرار ڏيندي معطل ڪيو ۽ عدالت کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 مئي تي بشريٰ بي بي ۽ نجم الثاقب جي مبينا آڊيو ليڪ خلاف درخواست تي ٽيلي ڪام ڪمپنين کي فون رڪارڊنگ ۽ صارفن جي ڊيٽا تائين رسائي ۽ استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 25 جون جي فيصلي خلاف حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ اهو طئي ڪيو آهي ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اڃا تائين طئي ناهي ٿيو، جاچ جاري آهي. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ ڪو به سچ تائين پهچڻ نٿو چاهي، سچ معلوم ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي، سپريم ڪورٽ ان کي روڪيو جڏهن پارليامينٽ سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي به روڪيو ويو نه پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو نه عدالت کي، حقيقت ڪيئن سامهون ايندي؟ ان تي جسٽس امين الدين خان چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته جن جي ڳالهه ٿي رهي آهي انهن آڊيو ليڪ ڪئي آهي، ڇا اهو پاسو ڏٺو ويو آهي؟ اڄڪلهه، هر موبائيل ۾ رڪارڊنگ سسٽم آهي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي اپيل منظور ڪندي نجم ثاقب ۽ بشرا بي بي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس بابت ڪيس کي اڳتي نٿو وڌائي سگهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 29 مئي ۽ 25 جون جا حڪم حد کان وڌيڪ آهن ،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار ناهي. ان سان گڏ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي درخواست تي آڊيو ليڪس ڪيس جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو.