لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عامر جمال کي قومي ٽيسٽ اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 21 آگسٽ کان ٿيندي.
بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ عامر جمال کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو پر سندس شموليت فٽنس سان مشروط هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته عامر جمال کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ فٽنس تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پي سي بي موجب، آل رائونڊر چيلهه جي تڪليف مان هوريان هوريان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهي، عامر جمال انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
ياد رهي ته ڪامران غلام ۽ ابرار احمد کي اڳواٽ ئي اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو آهي ٻئي پاڪستان شاهينز طرفان بنگلاديش اي خلاف چئن ڏينهن واري ميچ ۾ حصو وٺندا جيڪا 20 آگسٽ کان شروع ٿيندي.