پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوئا مٿي جو سور بڻجي ويا، خاتمي لاءِ اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوئن مان جان ڇڏائڻ لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب سي ڊي اي ڪوئا پڪڙڻ لاءِ شڪاري ٻلين جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 12 لک رپين جي بجيٽ به رکي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوئا کائيندڙ شڪاري ٻلين جون خدمتون ورتيون وينديون ۽ ڪوئا پڪڙڻ لاءِ ڄاري واريون خاص دريون به لڳايون وينديون، سي ڊي اي ڪوئا پڪڙڻ لاءِ نجي شعبي جون به خدمتون حاصل ڪندي.
ذريعن موجب پارليامينٽ هائوس جي ڇتين جي سيلنگ سبب ڪوئن جي ڀرمار آهي، ڪوئا سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مختلف شعبن ۾ نقصان پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪوئن ڪيترائي دستاويز به ڪاٽي ڇڏيا آهن.
قومي اسيمبلي ترجمان چيو آهي ته ڪوئن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي سي ڊي اي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.