اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ڪاز لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ کي ان جي ٻڌڻي (اڄ) 19 آگسٽ تي ڪرڻي هئي. ذريعن موجب ڪيس سلمان راجا جي وڪيل جي درخواست تي خارج ڪيو ويو، سلمان راجا جي وڪيل حامد خان درخواست ڏني هئي ته هو 6 سيپٽمبر تائين موڪل تي آهي. سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل جوڙڻ بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيل آهي. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ٽربيونل جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي. سلمان اڪرم راجا جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪيل آهي.
-
ڪراچي اسڪيم 33 ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي اسڪيم 33 مدينه ڪالوني ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران مٿي ۾ لٺ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. تفصيل موجب سچل ٿاڻي جي حد اسڪيم 33 الاظهر گارڊن مدينه ڪالوني ۾ آچر جي صبح جهيڙي دوران مٿي تي لٺ لڳڻ سبب 45 ورهين جو جمعو خان ولد سرور خان قتل ٿي ويو . ايس ايڇ او سچل اورنگزيب خٽڪ جو چوڻ هو ته مدينا ڪالوني ۾ مائٽن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران جهيڙي دوران جمعي خان نالي هڪ شخص جي مٿي تي لٺ لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو, پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
-
يوٽيوبر عون کوسي جي اغوا جو ڪيس داخل
لاهور (م ڊ)لاهور ۾ يوٽيوبر عون علي کوسي جي اغوا جو ڪيس سندس گهرواري بينش اقبال جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. اڇره ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي متن موجب 14 ۽ 15 آگسٽ جي وچ واري رات اڻڄاتل هٿياربندن عون جي گهر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا. جيڪي عون کي اغوا ڪري سندس موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ ڪيمرا کڻي ويا. عون جي زال بينش اقبال پنهنجي مڙس جي گمشدگي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي، جنهن تي عدالت سي سي پي او لاهور کي 20 آگسٽ تائين بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. تازو ئي عون کوسي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي تي طنزيه گيت ڳائي حڪومت تي تنقيد ڪئي ھئي، هن مشهور قومي گيت ”دل دل پاڪستان“ جي جاءِ تي ”بل بل پاڪستان“ ڳايو هو. جيڪو وائرل ٿي ويو هو. جنهن کانپوءِ وڊيو کي يوٽيوب تان به ڊليٽ ڪيو ويو هو. عون جي گهرواري جي وڪيل ميان علي اشفاق چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 هٿياربند ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي عون جي وڊيو ٺاهڻ واري سيٽ اپ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ سندس ليپ ٽاپ، ڪئميرا ۽ فون کڻي ويو. هوڏانهن لاهور پوليس جي ڊي آءِ جي آپريشن فيصل ڪامران چيو ته يوٽيوبر جي اغوا جي شڪايت داخل نه ڪئي وئي آهي. ايڇ آر سي پي عون جي اغوا کي خطرناڪ قرار ڏيندي عون جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
-
پاڪستان ۾ اي ٽي ايم مشينن تي سائبر حملن جو خطرو
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپن تي گذريل ٻن ڏينهن کانهڪ پوسٽ گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سائبر حملي سبب سڄي ملڪ ۾ اي ٽي ايم مشينون ٻن کان ٽن ڏينهن تائين بند رهنديون. ان پيغام ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رينسم ويئر سائبر حملي سبب سموريون اي ٽي ايم مشينون ٻن کان ٽن ڏينهن تائين بند رهنديون. سوشل ميڊيا ۽ واٽس اپ گروپن تي شيئر ڪيل پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته اها معلومات "بي بي سي ريڊيو” طرفان نشر ڪئي وئي هئي. هتي اها ڳالهه ذڪر لائق آهي ته پاڪستان ۾ بي بي سي اردو ريڊيو جي آخري نشريات 31 ڊسمبر 2022ع تي ٿي هئي. بي بي سي گذريل ڪيترن ڏينهن کان پاڪستان ۾ اي ٽي ايم مشينن جي بند ٿيڻ يا ڪنهن سائبر حملي بابت ڪا به خبر نشر نه ڪئي آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڊجيٽل نيٽ ورڪ ون لنڪ اي ٽي ايم مشينن جي بلاڪ ٿيڻ يا سائبر حملي جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن کي گهرجي ته اهڙين افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ پنهنجن بئنڪن سان رابطو ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان1 لنڪ جي بيان جي حمايت ڪندي چيو ته ان ۾ سوشل ميڊيا ۽ واٽس اپ تي گردش ڪندڙ افواهون بابت ”ضروري وضاحت“ موجود آهي.
-
سنڌ حڪومت پاران پلاسٽڪ جي شين تي پابندي هڻڻ جي شروعات
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ماحولياتي گدلاڻ تي روڪڻ لاءِ صوبي ۾ پلاسٽڪ جي شين تي پابندي هڻڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌجي وڏي وزير مراد علي شاهه ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهم اپاءَ وٺي ڇڏيا، سمورن سرڪاري آفيسن ۾ پاڻي جي بوتلن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، وزيراعليٰ هائوس کان عملدرآمد جي شروعات ڪري ڇڏي تھ جيئن پلاسٽڪ جي ڪچري کي گھٽ ڪري سگھجي. وڏي وزير چيو تھ ته وزيراعليٰ هائوس جي سمورن اجلاسن ۾ پاڻي جي پلاسٽڪ جي بوتلن جي فراهمي بند ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿيل اجلاس جي فوٽيجز ۾ منرل واٽر جي پلاسٽڪ جي بوتلن بدران ٽيبل تي شيشي جا جڳ ۽ گلاس نظر آيا.