اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب 2 ڏينهن دوران مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 21 ٿي ويو.رحيم يار خان ۾ برسات ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا.دنيا پور ۾ برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 72 ورهين جو شخص فوت ٿي ويو، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، تاندليانوالا ۾ اهڙي ئي هڪ واقعي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته لياقت پور ۾ 2 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا. اٽڪ جي تعلقي پنڊي گھيب جي علائقي احمدال ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.فوتين ۾ هڪ عورت، 2 ٻار ۽ هڪ مرد شامل آهن، جن کي مقامي ماڻهن ملبي هيٺان ڪڍيو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال پنڊي منتقل ڪيو ويو.لوئر دير ۾ برساتي پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته صوابي ۾ ڪائونسلر فياض خان لقمه برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ان کان علاوه ڏکڻ وزيرستان ۾ تيز برساتن بعد ٻوڏ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، ٻوڏ جو پاڻي جنڊولا بازار ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب زرعي زمينن کي به نقصان پهتو.تيز برساتن سبب وانا گوملزم روڊ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي روڊ بلاڪ ٿي ويا ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.خيبرپختونخواهه ۾ برسات کانپوءِ نالن ۾چاڙهه اچي ويو، متاثر علائقن ۾ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. رپورٽ موجب پهرين جولاءِ کان وٺي برساتن، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب 65 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. مارجي ويلن ۾ 30 ٻار، 12 عورتون ۽ 23 مرد شامل آهن. مختلف حادثن ۾ 113 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. مختلف ضلعن ۾ 139 ڍور پڻ مري ويا.