اسلام آباد (م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) واري مملڪتي وزير شزا فاطمه واضح ڪيو آهي ته ملڪ ۾ حڪومتي سطح تي انٽرنيٽ کي بند يا سست ناهي ڪيو ويو. وي پي اين جي وڏي پئماني تي استعمال سبب انٽرنيٽ تي دٻاءُ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شزا فاطمه چيو ته تازو ئي سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي عوام طرفان انٽرنيٽ جي رفتار بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو پر اها ڳالهه سراسر غلط آهي ته انٽرنيٽ جي رفتار کي سست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ايپس ۽ سروسز ڊائون لوڊ نه ٿي رهيون هيون، ان ڪري وڏي آبادي وي پي اينز تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي ڪري سڄي لائيو انٽرنيٽ تي دٻاءُ هو ۽ انٽرنيٽ سست ٿي وئي. شزا فاطمه چيو ته پاڪستان ۾ وي پي اينز جي استعمال ۾ واڌ سبب مقامي ڪيش کي بائي پاس ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي ڪري پوري لائيو انٽرنيٽ تي دٻاءُ آهي جنهن ڪري انٽرنيٽ سست ٿي وڃي ٿي. هن دعويٰ ڪئي ته انٽرنيٽ تي دٻاءُ قدرتي ٽريفڪ جو دٻاءُ هو، جنهن سبب اسان ڪجهه ڏينهن کان انٽرنيٽ جي رفتار ۾ گهٽتائي ڏٺي. هوڏانهن ملڪ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن حڪومت جي اهڙي دعوي’ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ فائر وال جي تڪڙي عمل سان معيشت کي نقصان 300 ملين ڊالر کان وڌي سگهي ٿو. پاشا خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ڪو فوري حل نه نڪتو ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنيون پنهنجو ڪاروبار ٻاهران منتقل ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون. ڊجيٽل حقن جي تنظيم بولو جي ميمبر فريحه عزيز چيو ته مملڪتي وزير سڄي ڳالهه وي پي اين تي لڳائي ڇڏي آهي. ڪو به تسليم نٿو ڪري ته وي پي اينز جي ضرورت ڇو آهي. هن چيو ته عام ماڻهو وي پي اين استعمال نه ڪندا آهن. هن سوال ڪيو ته حڪومت اڃا تائين اهو نه ٻڌايو آهي ته انٽرنيٽ ايپس کي سست ڇو ڪيو ويو ۽ واٽس اپ ۾ مداخلت ڇو ٿي رهي آهي؟ جڏهن اسان وائي فائي يا ڊيٽا تي انٽرنيٽ ڪنيڪشن کي آن ڪندا آهيون، اها رفتار ايتري گهٽ ڇو آهي؟ فريحه جو خيال آهي ته حڪومت انٽرنيٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو نظام قائم ڪيو آهي ۽ شزا فاطمه پاران ڏنل وضاحت درست ناهي. اها صرف عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. حڪومتي سطح تي ڪجهه قسم جي نيٽ ورڪ مانيٽرنگ ۽ فلٽريشن ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير شازا فاطمه چيو ته قسم کڻان ٿي ته حڪومت نه انٽرنيٽ بند نه ڪئي آهي، اهو معاملو حل ٿي ويو آهي.