ڪراچي ( رپورٽر ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي تهران ويندڙ 2 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ترجمان موجب ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جيڪي ايران کان غير قانوني طور يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار تنوير نالي ايجنٽ سان رابطي ۾ هئا، جوابدار سربيا جي سفارتخاني ۾ انٽرويو جي آڙ ۾ ايران وڃي رهيا هئا. جوابدارن جي انٽرويو جي تاريخ 15 آگسٽ هئي، جنهن ۾ جوابدار غلام غوث ۽ حارث حسن کي يورپ وڃڻ لاءِ 1.8 لک رپيا ڏنا ويا.
-
ڀارت پاران 2 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي افواهن ۾صداقت ناهي: پي ڊي ايم اي
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پنجاب جي پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) چيو آهي ته ڀارت پاران 2 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي.پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ستلج، بياس ۽ راوي دريائن تي ڀارتي ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، ڀاڪڙا ڊيم 54 سيڪڙو، پونگ 53 سيڪڙو ۽ ٿاني ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 26 سيڪڙو آهي، پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران 2 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ جو ڪو به امڪان ناهي. پي ڊي ايم اي موجب پي ڊي ايم اي پنجاب ارسا ۽ آبپاشي کاتي سان مسلسل رابطي ۾ آهي، شهرين کي ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ اڳواٽ ئي الرٽ ڪيو ويندو.