ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي ڪارونجهر ۽ کارسر جبل جي ڪٽائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، علائقي کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي. حيدرآباد ۾ تاج جويو، امداد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ملير ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو اصغر باغي، اصغر مهرائي، قمبر ٻٽ، عرفان عباسي جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو ويو. جروار ۾ دوست سومرو، ڪرم بوزدار، سينگار گبول  جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته ٺٽي ۾ رمضان ميمڻ، فقير اڪرم، سجاد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار ۾ احساس ميرل سھتو،  محمد علي  ميرجت، شيرل سولنگي ۽ مقصودو رند ۾ صوفي محمد عالم ڏاھري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. پريالوءِ ۾ سجاد ميراڻي، سعيد سنڌي ڪندن لعل، ٽنڊي آدم ۾ نور چاڪراڻي، جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جو ثقافتي ورثو آھي، جنهن جي سنڀال اسان سڀني تي فرض آھي. ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف سنڌ جون سڄاڻ ڌريون متفق آھن ۽ ڪيتري ئي عرصي کان ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيون آھن. تنهن باوجود سنڌ حڪومت ڪٽائي روڪڻ بابت پنهنجو واضح موقف ڏيڻ ۾ ناڪام آھي، جنهن ڪري سنڌ جي عوام کي خدشا آهن. هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو، اديب، ساڃاھه وند، سياستدان ۽ قومي اڳواڻ تاريخي ورثي خلاف ڪابه سازش ۽ ھٿ چراند برداشت نه ڪندا. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل ۽ ڪارسر واري علائقي کي عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.