اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو، اڳواڻ منظر تان غائب

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) تحريڪ انصاف جو 22 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ رٿيل جلسي جي حوالي سان  پي ٽي آءِ لاهور جي تنظيم  سازي غائب آهي ۽ ڪارڪن پريشان آهن، ذريعن موجب هڪ طرف پارٽي جي مرڪزي قيادت لاهور جي تنظيمي ۽ ڪارڪنن کي ريلي ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ لاهور جا ڪارڪن اسلام آباد ۾ جلسي جي تيارين کان بي خبر آهن.ان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪارڪنن کي شڪايت آهي ته کين ريلي ۾ شرڪت لاءِ ڪي به هدايتون نه مليون آهن، مقامي قيادت اڃا تائين ريلي جون تياريون شروع نه ڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ميان اسلم اقبال جي هدايت تي 3 ڏينهن اڳ لاهور جي تنظيم تبديل ڪئي وئي هئي، ميان اسلم اقبال پاڻ ميدان ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي، تنظيم جو نئون صدر غائب آهي، خبر ناهي ڇا ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.