اسرائيل ۽ حماس جي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ دوحا جي ميزباني وارين ڳالهين ۾ ٻن ڏينھن ۾ڊرامائي صورتحال رهي. قطر، مصر ۽ آمريڪا گڏيل بيان ۾ چيو آھي دوحا ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران سندن حڪومتي اعليٰ عملدارن جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙ طور ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي.
ڳالهين جو مقصد غزه ۾ جنگبندي، يرغمالين ۽ قيدين جي آزادي آهي. بيان موجب ڳالهيون ”سنجيده ۽ تعميري ۽ مثبت ماحول ۾ ٿيون“. بيان ۾ چيو ويو آھي تھ. آمريڪا، قطر ۽ مصر ٻنهي ملڪن وچ ۾ دشمني گهٽائڻ جي تجويز ڏني آهي. ” اھا تجويز گذريل هفتي تائين پهچندڙ معاهدي جي نقطن موجب آهي ۽ ڌرين وچ ۾ وڇوٽي کي ائين ختم ڪندي،جو معاهدو جلدي ۾ ممڪن ٿي سگھندو“
تهران ۾ حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل کان پوءِ ٿيندڙ ڳالهين جي خاص ڳالهه اهي چند منٽس آھن، جنهن دوران اسرائيلي وفد ايندڙ ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دوحا جي هوٽل ۾ هڪ رات وڌيڪ ترسڻ تي راضي ٿيو.جيئن ايندڙ ڏينهن ڳالھيون ٿي سگهن.
اسرائيلي وفد کي خبر هئي ته بيروت ۾ حزب الله جي سينيئر ڪمانڊر فواد شاڪر ۽ تهران ۾ حماس جي هڪ اهم اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل کان پوءِ خطي ۾ اسرائيل کان ٻاهر ڪٿي به هجڻ انهن لاءِ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگھي ٿو.
ياد رهي ته حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هنيه گذريل مهيني ايران جي راڄڌاني تهران ۾ هوائي حملي ۾ مارجي ويو هو. خيال ڪيو وڃي ٿو تھ هانيه جي قتل ۾ اسرائيل جو ھٿ آھي. ھنيه جي قتل کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسرائيل لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ به هڪ هوائي حملي ۾ حزب الله جي اهم اڳواڻ کي فواد شاڪر کي ماريو هو. ٽياڪڙي ڪندڙن جي دٻاءُ کان پوءِ وفد ٻي رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو، پر سيڪيورٽي رسڪ هنن لاءِ ايترا ته خدشا هئا جو ھنن پنھنجي جهاز ۾ رات گذارڻ بابت غور ڪيو ۽ ھر معاملي ۾ ڇرڪندا رھيا.اسرائيلي وفد ۾ موساد جو سربراهه ڊيوڊ بارنيا ۽ جنرل سيڪيورٽي سروس جو سربراهه رونن بار پڻ شامل هئا. ھڪ اسرئيلي اخبار موجب وفد رات جھاز ۾ گذارڻ جو خيال بعد ۾ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪنھن ٻئي هنڌ اھا رات گذاري.
دلچسپ ڳالهھ ھي بھ آھي تھ ميڊيا رپورٽن موجب قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني ايراني قيادت سان فون تي رابطو ڪري ۽ اسرائيل تي ڪنهن به امڪاني حملي ۾ تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل پڻ ڪئي.
يديوٿ اھررونوٿ اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته فون ڪال بعد حزب الله ۽ ايران اسرائيل کي نشانو بڻائڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.اسرائيل ان رات سندن وفد تي فوري ڪنھن حملي جو خدشو ظاھر ڪري رهيو هو. ھر ڀيري ڌرين جي ڳالھين واري ھر ملاقات کي ‘ ذڪر جوڳي پيش رفت’قرار ڏنو وڃي ٿو. قطر ۽ مصر جي ميزباني ۾ڳالهين دوران بار بار اھ جملو ورجايو وڃي ٿو ۽ تقريبن هر دور جي ڳالهين ۾ پيش رفت کي اهم ڪري بيان ڪيو ويو آهي پر اھي ناڪام ٿي وڃن ٿيون.
اسرائيلين موجب کين انهن ڳالهين مان وڏيون اميدون نه آھن، ڇاڪاڻ ته مبصرن موجب حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ بنيادي اختلاف وڏا آهن ۽ جيڪي حل نه ٿي سگهيا آهن. اسرائيلي اسٽيبلشمينٽ جو اندازو آهي ته هن ‘آخري موقعي’ جو فائدو نه وٺڻ جي قيمت غزه جي پٽي ۾ باقي يرغمالين جي زندگين جي قيمت ٿي سگهي ٿي. اسرائيلي يرغمالين جي مائٽن جو خيال آهي ته انهن مان ڪن کي جيئرو بچائڻ جو هي آخري موقعو آهي، اسرائيلي فوج تازو ئي اعلان ڪيو آهي ته هن حماس جي 75 سيڪڙو فوجي صلاحيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب اسرائيل جلد ئي ان جو اعلان ڪري سگهي ٿو غزه جي پٽي ۾ جاري فوجي آپريشن جي خاتمي سان سياسي سطح تي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي.
حماس غزه جي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي تجويز ڪيل منصوبي تي قائم آهي.اسرائيل به ان تي راضي ٿي ويو، پر هو غيرمعمولي طور تي ڳالهين بدران ان منصوبي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي ۽ نتن ياهو ٻيا شرطون به شامل ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي حماس کي قبول نه آهن. ڳالهين واري ٽيمن کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن ۾ قيدين ۽ يرغمالين جي تبادلي جو ٻيو مرحلو، ڳالهين ۽ حتمي جنگ بندي لاءِ شرط شامل آهن. ان کان علاوه، نتن ياهو 27 مئي تي اسرائيل کي تجويز ڪيل معاهدي ۾ نئين رڪاوٽون ۽ شرط شامل ڪيا آھن.
ڪيترن ئي ميڊيا رپورٽن موجب، غزه ۾ جنگبندي جو معاهدو لبنان ۾ امن ۽ ايران ۾ استحڪام جو سبب بڻجندو، ۽ اسرائيلي فوج کي ڏهن مهينن کان وڌيڪ سخت جنگ کان پوءِ ٻيهر تعمير ڪرڻ جو موقعو ڏيندو.
عبراني يونيورسٽي جي ٽرومين انسٽيٽيوٽ جي محقق روني شيڪڊ بي بي سي کي ٻڌايو ته ”دوحا ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي“. هن جو خيال آهي ته حماس جنگ بندي ۽ غزه جي پٽي مان اسرائيلي فوجن جي واپسي چاهي ٿي، جڏهن ته نيتن ياهو اسرائيلي فوجن کي غزه ۾ رکڻ چاهي ٿو ته جيئن جنگ جاري رھي. اهي وڏا معاملا آهن ۽ جيڪڏهن اھي حل ٿين تھ پوءِ چئي سگهون ٿا ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
اسرائيليماڻھن وٽ يرغمالين جي واپسي وڌيڪ اھم آھي،سندسن مائٽن جو خيال آھي تھ سندس حڪومت انھن کي وساري ڇڏيو آهي.