بنگلاديش جو رد انقلاب

تحرير: عبدالخالق جوڻيجو

چيو ويندو آهي ته شاعري انساني سوچن، جذبن ۽ احساسن جو اعليٰ اظهار هوندي آهي. اها به حقيقت آهي ته 98 سيڪڙو سنڌين جي سوچن، جذبن ۽ احساسن جي نمائندگي ڪندڙ شاعر شاهه لطيف آهي. انهن منجهان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌين کي سندس هيءُ بيت ياد هوندو آهي ته

”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“

اسان سنڌي دنيا جي سڀني انسان دوست ماڻهن ۽ آزادي پسند قومن جا خير خواه ۽ انهن جي خوشحالي جا دعا گو آهيون ( بشرطيڪه اهي سنڌ جي سهڪار جا دشمن نه هجن) اهڙن انسانن ۽ انهن قومن منجهان وري بنگالين سان اسان جو خاص رشتو آهي. انهن سان نه رڳو سياسي ويجهڙائپ پر روحاني رشتو ۽ جذباتي لڳاءُ  به آهي. اتي ڪي ”زور انقلابي“ دوست چوندا ته جذباتي لڳاءُ  وري ڇاجو؟ ان لاءِ مان رڳو ايترو چوندس ته ڪوبه بي ڏوهي انسان ماريو ويندو آهي ته اسان کي ڏک ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهو واقفڪار هوندو آهي ته وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن وري ڀاءُ پٽ هوندو آهي ته اڃا وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي. اهو ان ڪري ته جيڪو جيترو ويجهو ان سان اوترو جذباتي لڳاءُ. هونئن به انسان جانورن کان مختلف سوچڻ جي صلاحيت جي ڪري ۽ مادي شين کان منفرد احساسن ۽ جذبن جي ڪري آهي. منهنجو ذاتي طور شايد بنگالين سان ڪجهه وڌيڪ سياسي، روحاني ۽ جذباتي لڳاءُ آهي. (جنهن لاءِ انقلابي دوستن کان معافي) سرڪاري نوڪري دوران سياسي مضمون لکڻ وقت مان ”شيخ مجيب“ نالو  لکندو هئس ۽ شيخ مجيب جي 1975 ۾ قتل جي خبر ريديي ذريعي مون تڏهن ٻڌي جڏهن مان پنهنجي امان جي تڏي تي ويٺو هئس.

بنگلاديش ۾ شيخ حسينا جي قيادت واري عوامي ليگ جي حڪومت ڊاهڻ سان آيل بحران خود بنگالين کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌين کي متاثر ڪيو آهي؛ سياسي، فڪري ۽ جذباتي طور دوستيءَ جو هڪڙو عنصر ۽ هڪڙي ڪسوٽي دشمني به هوندي آهي. پاڪستان ۾ سنڌين جي وطن تي قبضي گيري ۽ انهن جو سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي استحصال ڪندڙ قوتون ۽ ڌريون بنگلاديش جي بحران تي هنبوڇيون هڻي رهيون آهن.

قومن جي نجات، بقا ۽ ترقيءَ جي جنگ ڊگهي، مشڪل ۽ گهڻ طرفي ٿيندي آهي. بنگالين عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب جي قيادت ۾ ان جنگ جو پهريون مرحلو 1971ع ۾ کٽيو پر اهو به فطري ۽ يقيني هئو ته آزادي مخالف قوتون خاموش ٿي نه ويهنديون. ان مرحلي تي بنگالي محب وطنن جون مخالف مکُ اهي ئي ٽي قوتون هيون جيڪي تاريخي، فڪري ۽ عملي طور (دنيا ۾) قوم، قومي تحريڪ ۽ قومي رياست جون مخالف رهيون آهن فوج، جاگيردار (ذوالفقار ڀٽي جي پيپلزپارٽيءَ جي صورت ۾) ۽ مذهبي انتهاپسند (جماعت اسلامي جي صورت۾) جڏهن فوج بنگالي محب وطنن جو قتلام ڪري رهي هئي ان وقت جماعت اسلامي ۽ جاگيردارن جو نمائندو ذوالفقارعلي ڀٽو فوجي حڪومت جي وزير خارجه طور اقوام متحده ۾ انهن جو گڏيل ڪيس  پليڊ(plead)      ڪري رهيو هئو.

بنگلاديس جي آزادي کان پوءِ به آزادي پسندن ۽ آزادي مخالفن جي وچ ۾ جنگ جاري رهي جنهن دوران شيخ مجيب رحمان خاندان سميت قوم جي آزادي ۽ ترقي جي دفاع ۾ زندگيءَ جي قرباني ڏني.ان حملي ۾ قاتل رهزنن مجيب جي 11 ساله پٽ رسل کي به ڳولهي قتل ڪيو. ان ڪري ته سدائين جيان قاتل بزدل هئا، اهي ان ننڍي ٻار جي زندگيءَ کان به خوفزده هئا. جيتوڻيڪ اهو صاف ظاهر هئو ته ان منصوبي جي پويان آزادي مخالف ساڄي ڌر جا رجعت پسند هئا پر بنگالي قوم جي قهر کان ڊڄندي انهن ميجر ضياءَ رحمان کي اڳيان آندو جنهن ”آپريشن سرچ لائيٽ“ شروع ٿيڻ کان پوءِ ريڊيو چٽگانگ تان آزاديءَ جو پيغام پڙهيو هئو. ڇهن سالن کان پوءِ ضياءَ رحمان کي به قتل ڪري جنرل حسين محمد ارشاد کي اقتدار تي ويهاريو ويو، جيڪو آزاديءَ جي جنگ دوران پاڪستان (پنجاب) جي ڇانوڻين ۾ آرام ڪري رهيو هئو. مجيب رحمان جي قتل کي سمجهڻ لاءِ ان وقت جي امريڪي خارجه وزير هينري ڪسينجر جي ان انٽرويو کي به آڏو رکڻو پوندو جنهن ۾ هن چيو هو ته دنيا ۾ ٻن شخصن  کان کيس سخت نفرت آهي؛ هڪڙو (ڏکڻ ويٽنام جو حڪمران) جنرل ٿيو ۽ ٻيو شيخ مجيب رحمان.

ان کان پوءِ  عوامي ليگ جي اڳواڻيءَ ۾ آزادي پسندن ۽ جماعت اسلامي جي قيادت ۾ آزادي مخالف ۽ رجعت پسند قوتن وچ ۾ جنگ جاري رهي آهي. تازي صورتحال جي تجزيي لاءِ ملڪي، علائقائي ۽ عالمي عنصرن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. عالمي طاقتن (امريڪا) جي سڌي مداخلت جا ٺوس ثبوت ته اڃا ناهن پر اشارا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. باقي انهن جو اڻ سڌو ڪردار ته ظاهر پيو آهي. ڪميونزم جي ڀُوت کان خوفزده انهن عالمي قوتن مذهبي بنياد پرستي جي جنهن جن کي پاليو اهو هاڻي سڄي دنيا کي کائڻ لاءِ وات ڦاڙيو ”ماڻهو بوءِ“ ڪندو ٿو وتي. اهو يقيني طور بنگلاديش به پهتو آهي. هن خطي ۾ جيڪي قوتون ان ڏس ۾ عالمي طاقتن جون سهڪاري رهيون آهن انهن به بنگلاديش ۾ رجعت پسندي ۽ بنياد پرستيءَ کي وڌائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي، جو ان ۾ انهن کي ”پراڻا پلاند“ به اڪسائي رهيا هئا. ملڪي سطح تي جماعت اسلامي بنگالين سان گڏ خاص طور بهارين ۾ ڪم ڪندي رهي آهي. ان چوڻ جي ته ضرورت ئي ڪانهي ته اها پارٽي بهارين کان علاوه افغانين، برمين ۽ ٻين ملڪن (بوسينيا تائين) جي بنياد پرست ويڙهاڪن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي به رڳو وڪيل رهي آهي پر فخريه طور ميزباني ڪندي رهي آهي.

مک عنصر اهي آهن، باقي انهن ۾ عوامي ليگ ۽ شيخ حسينا جا سياسي مخالف به يقيني طور شامل ٿي ويا. حسينا جي حڪومت جون ڪوتاهيون غلطيون به بلڪل هيون ته ڪي ناڪاميون به هيون ۽ يقيني طور زيادتيون به هيون پر سوال اهو آهي ته ٽين دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي جتي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا هجن؟ ۽ اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ننڍي کنڊ ۾ ويهي سوئيڊن ۽ سئزرلينڊ يا ناروي ۽ نيڌرلينڊ جهڙي صورتحال جي تقاضا ڪريون؟ ايئن ته پوءِ جمال ناصر جي مصر، بن بيلا جي الجزائر، هوچي منهه جي ويٽنام، شاويز جي وينيزوئيلا ۽ ڪاسترو جي ڪيوبا بابت به سوال اٿندا ۽ حقيقت ۾ انهن جا ڏيهي ۽ پرڏيهي مخالف سوال اٿاريندا به رهيا آهن.

انهن محب وطنن جي جمهوريت بابت سوال اٿاريندڙن جو پنهنجو ڪهڙو جمهوري ڪردار آهي. سڀ کان وڌيڪ جمهوريت، انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ  جا ڀاشڻ ڏيندڙ امريڪا ئي ته مارڪوس، پنوشي، ضياءَ الحق، شاهه ايران ۽ سعودين جهڙا ڊڪٽيٽر پاکي نپائي مواڙ ڪيا.  يا جماعت اسلامي جي استاد اخوان المسلين کي مصر ۽ اقتدار مليو ته جمهوريت خاطر زندگين جون قربانيون ڏيئي فوجي آمريت کي شڪست ڏيندڙ مصري عوام جون دانهون نڪري ويون ۽ انهن اخوان جي حڪومت تي ساڳي فوجي ڊڪٽيٽرشپ کي ترجيح ڏني. ڀلا جيڪڏهن بنگلاديش ۾ سياسي آزاديون گهٽ هيون ته ان اقتصادي ترقي ته ڪئي. اهي ملڪ جن فوجي آمريتن جا رڪارڊ قائم ڪيا ۽ اقتصادي طور به ڪنگال  پڻي جي ڪنڌيءَ تي پهچي ويا آهن. انهن جا حڪمران توڻي وفادار صحافي ۽ دانشور به بنگلاديش جي جمهوريت لاءِ ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن.

خير! انهن مان ته اهائي توقع آهي، مون کي افسوس پنهنجن ڪجهه ترقي پسند دوستن جو ٿئي ٿو. اسان سڀ (ترقي پسند) روس ۽ چين جي ڪميونسٽ انقلابن کان نه رڳو متاثر ٿياسين پر اتساهه به ورتو ۽ سکيو به. انگريزن ۽ جپانين کان مار کائيندڙ ”موالي“ چين کي دنيا جو سپر پاور بنائيندڙ ڪميونسٽ نظام ۾ ڪيتريون سياسي ۽ جمهوري آزاديون رهيون آهن؟ يا يورپ جي ڀيٽ ۾ پسمانده ملڪ روس کي به غربت مان ڪڍي سپرپاور ڪميونزم بڻايو. اتي خاص ڪري جوزف اسٽالن جي دور ۾ (اندرين ۽ ٻاهرين مخالفن کي منهن ڏيندي) جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي ڪهڙي صورتحال هئي؟ اتي ته بالشويڪ انقلاب جا وڏا ۽ اهم ڪردار به قتل ڪيا ويا.ان کي ته اسان انقلاب جي دفاع ۽ حفاظت لاءِ نه رڳو جائز پر ضروري سمجهندا آهيون. جڏهن ”جمهوري آزادين“ بابت گوربا جوف يورپ ۽ امريڪا جي ڏٽن ۾ آيو ته پوءِ نه رڳو سوويت يونين پر سڄي دنيا جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي؟

جڏهن سوويت يونين ۾ رد انقلاب دوران لينن جي مجسمن کي ڳچيءَ ۾ رسا وجهي ڪيرايو پئي ويو ته مون کي زندگيءَ جو عظيم صدمو رسيو. مون دوستن کي چيو ته روسي ماڻهو يورپ جي پروپئگنڊا ۾ اچي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن پر وقت گذرڻ سان پاڻ ئي خبر پوندن. اڄ روس ڪٿي آهي ۽ جمهوريت جا چيمپئن ”مغربي“ ڇا ڪري رهيا آهن ان تي ڪڏهن ٻئي دفعي ڳالهائبو. اڄ مجيب جي مجسمن ۽ آزاديءَ جي اهڃاڻن کي مترڪن جو شڪار ٿيندي ڏسي منهنجي ساڳي ڪيفيت ۽ ساڳي سوچ آهي. مجيب جي گهر کي بڻايل آزاديءَ جو عجائب گهر ۽ گهر جي اها ڏاڪڻ جتي مجيب کي قتل ڪيو ويو هو ان تي محفوظ ڪيل مجيب جي مقدس رت جا داغ (جيڪي سن 2000 ۾ مون ڏٺا هئا انهن جا اڄوڪا منظر منهنجي اکين کان اندر تائين پهچن ٿا. روح کي زخمي ڪن ٿا ۽ جذبن کي جنجهوڙين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.