اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايف بي آر پهرين ٽه ماهي (جولاءِ- سيپٽمبر) ۾ 60 ارب رپين جي مارجن سان ٽيڪس وصولي جو هدف پورو نه ڪيو ته ٽيڪس مشينري کي موجوده مالي سال دوران هنگامي منصوبو لاڳو ڪرڻو پوندو. آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل ٽيڪس ڪليڪشن هدف موجب ايف بي آر کي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن لاءِ 2652 ارب رپيا گڏ ڪرڻ گهرجن. ايف بي آر ۾ گارڊز جي تبديلي کانپوءِ ايف بي آر جي نئين چيئرمين راشد محمود لنگريال کي پهريون چئلينج موجوده مالي سال جي پهرين ٽن مهينن دوران ٽيڪس وصولي جو هدف پورو ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ مني بجيٽ جو امڪان آهي.ان حوالي سان ايف بي آر جي نئين مقرر ٿيل چيئرمين پنهنجي ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ بي ايس 21 ان لينڊ روينيو سروس (آءِ آر ايس) آفيسر ڊاڪٽر حامد عتيق سرور کي ميمبر آءِ آر پاليسي مقرر ڪيو آهي. اهري طرح ايندڙ ڏينهن ۾ ايف بي آر ۾ ڪجهه وڌيڪ تبديلين جو به امڪان آهي. جڏهن ته آمنه فيض ڀٽي کي آءِ آر پاليسي مان بدلي ڪري ڪمشنر آءِ آر (اپيل-I) لاهور مقرر ڪيو ويو آهي.