انٽرنيٽ تي فائر وال لڳائڻ خلاف حامد مير جي درخواست داخل

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  پاڪستان ۾ فائر وال لڳائڻ ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي ،  جڏهن ته اهڙي ئي هڪ درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ٻئي طرف حڪومت پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ’ويب مئنيجمينٽ سسٽم‘ کي اپ گريڊ ڪري رهي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حامد مير جي وڪيل ايمان مزاري طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي.پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان انٽرنيٽ جي گهٽ رفتار جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، خاص ڪري جڏهن موبائل ڊيٽا ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي ڪافي مشڪل بڻجي وئي آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي نيٽ ورڪ جي بندش تي خاموش آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي شهرين جي بنيادي حقن کي متاثر ڪندڙ فائر وال لڳائڻ کان روڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فائر وال لڳائڻ جو عمل سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت ۽ بنيادي حقن جي تحفظ سان مشروط ڪيو وڃي، درخواست تي فيصلو اچڻ تائين فائر وال لڳائڻ جو عمل معطل ڪيو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت حڪومت کي حڪم ڏئي ته شهرين کي انٽرنيٽ جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.درخواست ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ انساني حقن واري وزارت کانسواءِ ڪابينا سيڪريٽري، آءِ ٽي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي به ڌر بڻايو ويو آهي.اهڙي هڪ درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي اڄ 12 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت بنا ڪنهن نوٽيس ۽ سبب جي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي درخواستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ جي بندش سبب ڪاروبار سميت زندگي جا سمورا شعبا متاثر ٿي رهيا آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت حڪومت جي انٽرنيٽ بند ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ملڪ ۾ انٽرنيٽ فوري طور تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

  • ملڪ ۾ سوشل ميڊيا بحال ڪرڻ جي دعويٰ، رنڊڪون برقرار

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) ملڪ ۾ سوشل ميڊيا بحال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،جڏهن ته رنڊڪون برقرار آهن، سڄي ملڪ ۾  انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي سوشل ميڊيا ايپس خاص ڪري ٽوئيٽر (ايڪس) استعمال ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته واٽس اپ تي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وائس ميسيج، تصويرون ۽ وڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي رهيا هئا، انٽرنيٽ جي انتهائي سست رفتار سبب سڄي ملڪ ۾ آن لائين ڪاروبار سان جڙيل لکين ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.  گذريل ڏينهن انٽرنيٽ سرور پرووائيڊرز ايسوسي ايشن به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن انٽرنيٽ جي اها صورتحال جاري رهي ته ڊجيٽل معيشت کي سخت نقصان پهچندو ۽ عالمي ڪمپنيون پاڪستان بدران ٻين ملڪن ڏانهن وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.