بلوچستان جي علائقي چاغي مان بجلي جي ٿنڀن سان ٻڌل 5 ڄڻن جا لاش هٿ

چاغي ( م ڊ )  ليويز ذريعن موجب پنجن ڄڻن کي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڀرسان آبادي واري علائقي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.  بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ بجلي جي پولن سان ٻڌل 5 ڄڻن جا لاش مليا آهن، پنجن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب چاغي جي علائقي دالبندين ۾ ويسٽرن بائي پاس وٽ 5 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ليويز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاشن کي کڻائي سول اسپتال دالبندين پهچايو، جڏهن ته بجلي جي پولن سان ٻڌل  لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.