ڪراچي جي گلستان جوهر ۾ فائرنگ، شڪي ڦورو مارجي ويو، هڪ زخمي

ڪراچي (رپورٽر )  ڪراچي جي گلستان جوهر ۾ شهري جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. ايڌي اهلڪارن موجب گلستان جوهر ڪامران چورنگي ويجهو شهري جي فائرنگ ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. زخمي ٿيل 28 ورهين جي يوسف کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، ايسٽ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گلستان جوهر ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي جناح اسپتال نيو ويو آهي.  شروعاتي اطلاعن موجب مارجي ويلن ۽ زخمين بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڦورو آهن جيڪي ڦر جي ارادي سان آيا هئا، جنهن تي شهري مزاحمت ڪئي، جڏهن ته پوليس به موقعي تي پهچي وئي، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.