پوليس قاتلن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو چالان پيش نه ٿيڻ خلاف مقتول صحافيءَ جي امڙ  جي درخواست تي ٻڌڻي، ايس ايس پي گهوٽڪي قتل ڪيس جي چالان بابت پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چالان  جي اسڪروٽني ٿي رهي آهي، اسڪروٽني بعد چالان ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو،سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ڪيس جي پڪي چالان بابت 4 هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ايس ايس پي گهوٽڪي کي به چئن هفتن اندر عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.عدالت ۾ نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي چيو ته جوابدار ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻئي پٽ حاضرين تي سوين ماڻهو ۽ هٿياربند وٺي اچن ٿا، پوليس جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، امان پٺاڻي چيو ته جوابدار اسان جي مائٽن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ ڌمڪيون ڏئي هيسائي رهيا آهن، ضرورت پئي ته سپريم ڪورٽ تائين به وينديس. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڪئي.

  • ڪراچي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ميرپور ماٿيلو جي عوامي آواز جي رپورٽر شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي ۽  ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاھري ۾ نوجوان وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي امڙ پٺاڻي طرفان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس هلڻ دوران جوابدار ڌر جي سوين ماڻهو گڏ ڪري اچن ٿا جيڪي اسان کي حراسان ڪن ٿا، شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي ڪيس ۾ جيڪي جيڪي ماڻهو اسان جي حمايت ڪن ٿا انهن خلاف ايس ايس پي سمير نور چنا ۽ ايس ايڇ او قابل ڀيو ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا، پوليس طرفان منهنجي پٽ محمد بخش جي ميرپور ماٿيلو مان موٽر سائيڪل ڪاهي ويا آهن ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا ته ڪيس داخل ڪنداسين. امڙ پٺاڻي وڌيڪ چيو ته جڏھن اسين عدالت ۾ وڃون ٿا ته اتي جوابدار جا سوين ماڻهو رستي ۾ بيهي رهن ٿا اسان کي عدالت پهچڻ ۾ دير ۽ تڪليف ٿي رهي آهي، اسان وزير اعلي سنڌ جا جڏهن ملاقات ڪئي هئي ته ان اسان کي چيو ته جلد کان جلد جوابدار گرفتار ٿيندا ۽ اوهان کي ڪو به حراسان نه ڪندو پر ڪنهن به ڳالهھ تي عمل نه ٿيو، جوابدار ڌر اسان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رهي آهي ، پوليس انهن سان ٻڌل آهي، هن چيو ته اسان جو ساٿ ڏيندڙ سعيد بوزدار، وقار بوزدار ،  نثار بوزدار ۽ الله ڏتو بوزدار ۽ ٻين مٿان ڪوڙي ايف آئي آر ڪٽي وئي آهي ۽ انهن جي گهرن مٿان پوليس چڙهائي ڪري سندن گهر مان 1 لک رپيا ۽ ٻيو سامان کڻي وئي آهي، قاتل ڀلي ڪيترو به اسان حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر اسان پوئتي نه هٽندا سين جيستائين پنهنجي پٽ نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي سزا نه ملندي تيستائين جدوجهد جاري رکنداسين، شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي والده امڙ پٺاڻي، ڀاءُ يعقوب گڏاڻي مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او قابل ڀيو ۽ ايس ايس پي نور چنا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ کين عهدن تان برطرف ڪيو وڃي ۽ مک قاتلن خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نورو لنڊ کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جلد ڪراچي ۾ وڏو احتجاج ڪري سي ايم هائوس طرف احتجاجي مظاهرو ڪنداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.