اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته نواز شريف جو بجلي تي رليف جو اعلان ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته نواز شريف اڄ ٽي وي تي اچي عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.پريس ڪانفرنس ۾ نواز شريف پاران بجلي جي رليف جي اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي عمر ايوب چيو ته ن ليگ آءِ پي پيز سان معاهدا ڪيا، اهي معاهدا ايتري وڏي گنجائش جي ادائيگي جو سبب هئا. عمر ايوب چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جي حڪومت بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائيندي. ان کان علاوه حماد اظهر به نواز شريف جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته هو چاهي ٿو ته نواز شريف جي معيشت ۽ سياست بابت اٿاريل نقطن جو جواب ڏي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف چيو ته سندس دور ۾ ڊالر جي قيمت 105 هئي. پر ان طريقي جي ڪري هنن ڊالر کي 150 تي رکيو، 2017 ۾ معاشي بحران آئي.هن چيو ته نواز شريف جي پيدا ڪيل معاشي بحران کي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ سنڀاليو.حماد اظهر چيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو سبب اهي مهانگا معاهدا آهن جيڪي نواز شريف جي دور ۾ ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته ميان صاحب توهان ڊيل ڪري پنهنجي ڀاءُ ۽ ڌيءَ جي حڪومت ورتي آهي. توهان پنهنجي اقتدار لاءِ ماڻهن کي هن صورتحال مان گذريو.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ بيٺل وڪيل دل جو دورو پوڻ سبب فوت
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي عدالت ۾ نارٿ ناظم آباد جو رهواسي وڪيل محمد سليم خان ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ موجود هو ته اوچتو کيس دل جو دورو پئجي ويو، جنهن سبب ايڊووڪيٽ سليم خان فوت ٿي ويو، وارثن کي گهرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي وڪيل سيد مريد علي شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته سوا 10 وڳي وڪيل کي دل جو دورو پيو ،بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود ايمبولينس هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي جنهن ڪري وڪيل فوت ٿي ويو، هن وڌيڪ چيو ته هاءِ ڪورٽ جا وڪيلن کي به ٽائيم تي طبي سهولت نٿي ڏني وڃي ته باقي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ عام عوام جو ڪهڙو حشر ھوندو.