ڪراچي ( رپورٽر ) حوالا هنڊي خلاف ڪارروائي دوران خانگي بئنڪ جي ملازمن سميت 3 ڄڻا گرفتار. ترجمان موجب ايف آءِ اي ڪراچي زون حوالا هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج خلاف ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي غير قانوني ڪرنسي مٽا سٽا ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڪارروائين دوران ڪراچي جي علائقي نيو چالي ۾ واقع خانگي بئنڪ جي برانچ مان 2 جوابدارن روح الله، خاور حسين کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي ٻئي خانگي بئنڪ جا ملازم هئا. جوابدارن وٽان ڪل 40500 سعودي ريال هٿ ڪيا ويا. ٻئي ڪارروائي ۾ پارڪ ٽاورز ڪلفٽن ڪراچي مان جوابدار شاهزيب کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان 70 هزار يو اي اي ڌرهم ۽ 14 هزار آمريڪي ڊالر هٿ ڪيا ويا. جوابدار پرڏيهي ڪرنسي جي برآمد بابت اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيو. ايف آءِ اي ڪراچي زون جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.