جنرل باجوا ۽ فيض حميد جو معاملو الله تي ڇڏيو هو، عوام سڀ ڪجهه ڏسي پيو: نوازشريف

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد بابت ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو آهي ته اهو فوج جو اندروني معاملو آهي ان کي  ئي ڏسڻ گهرجي، بجلي جا مهانگا بل عوام لاءِ ناقابل برداشت آهن. ماڊل ٽائون ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جيڪو اٽڪل 2 ڪلاڪ جاري رهيو، اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سميت وفاقي، صوبائي وزيرن ۽ پارٽي جي سينيئر عهديدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي پلان ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي اگهن ۾ هر ممڪن رليف لاءِ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني وئي.اجلاس ۾ اويس لغاري بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ممڪن فارمولو شيئر ڪيو، نواز شريف بجلي جي بلن ۾ فوري گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ فوري رليف جو ٽاسڪ ڏنو.مشاورتي اجلاس ۾ جنرل فيض حميد جي گرفتاري واري معاملي تي بحث شروع ٿيو ته نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي بيان بازي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اهو فوج جو اندروني معاملو آهي، ان سان ن ليگ جو ڪو به تعلق ناهي، نواز شريف چيو ته جنرل باجوا ۽ فيض حميد جو معاملو الله تي ڇڏيو هو، عوام سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي تباهي مهانگائي ۽ مهانگائي جا بل کڻي آئي.عوام اسان مان رليف جي اميد رکي ٿو، اسان جي صلاحيتن جو امتحان آهي ته ڏکين حالتن ۾ عوام کي ڪيئن رليف ڏيڻو آهي؟، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ ۽ معاشي استحڪام واپس آڻڻ لاءِ سياسي قربانيون اوهان جي حب الوطني جو ثبوت آهن، هاڻي عوام کي ڊفالٽ کان بچائڻ به اسان جو وڏو امتحان آهي.نواز شريف چيو ته مسلم ليگ (ن) هميشه مشڪلاتن مان نڪرڻ جو رستو ڳوليو آهي. ان اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پارٽي صدر کي قومي اقتصادي ايجنڊا جي خصوصيتن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ جامع اقتصادي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.