راولپنڊي ( م ڊ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته نوان ضابطا ۽ نوان ماڻهو سياسي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيا آهن. راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان عوام جا چونڊيل نمائندا آهيون، جيڪڏهن اهڙي صورتحال آهي ته پوءِ اسان کي پارليامينٽ ۾ به سياست تي بحث ڪرڻ نه ڏنو وڃي پر موسم جي صورتحال ۽ هڪ ٻئي جي ڪپڙن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو اڄوڪي ملاقات ۾ اها شرط رکي وئي ته توهان عمران خان سان سياسي ڳالهيون نه ٿا ڪري سگهو، اهو ناقابل قبول آهي اسان ان معاملي کي اسيمبلي ۾ اٿارينداسين ۽ عدالتن ۾ وينداسين. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته اسان کي عمران خان سان صلاح مشورا ڪرڻا آهن ۽ معاملن تي ڳالهيون ڪرڻيون آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد بابت انڪوائري اندروني معاملو آهي.