انٽيليجنس رپورٽن موجب ڊي سي پنجگور کي بي ايل اي شهيد ڪيو: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا: (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته اسان وٽ انٽيليجنس ڄاڻ آهي ته ڊي سي پنجگور ذاڪر بلوچ  کي ڪالعدم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) شهيد ڪيو. جاري ڪيل بيان ۾ بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته اسڪولن ۾ ڌماڪا ڪندڙن لاءِ ڪا به همدردي ناهي، ڊي سي پنجگور ذاڪر بلوچ کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. سرفراز بگٽي چيو ته بي ايل اي بلوچ نسل ڪشي ڪري رهي آهي، شبير بلوچ کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجهه رياست خلاف هڪ منظم سازش تحت ٿي رهيو آهي، هوشاپ ۾ ڪاليج کي شهيد ذاڪر بلوچ سان واڳي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.