بند پيل 2889 اسڪول کوليا ويا، 2587 استاد مقرر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ تعليمي سڌارن ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي استادن جي کوٽ سبب بند پيل اسڪول کوليا ويا.تعليم کاتي موجب سنڌ  جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي استادن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي 2889 اسڪول کوليا ويا آهن، سردار شاھ چيو ته استادن جي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڪو به اسڪول بند نه رهندو، ٽيچرز پليسمينٽ ڪميٽي جي سفارشن موجب بند پيل اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي وئي آهي، استادن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب بند پيل اسڪولن ۾ 2587 استاد مقرر ڪيا ويا آهن، استادن کي سندن رهائشي تعلقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، پٺتي پيل تعلقي جي 169 اسڪولن کي بند ڪرڻ جو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. سردار شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتين سان اسڪولن ۾ استادن جي دستيابي ممڪن ٿي.جڏهن ته ڪنهن استاد جي رٽائرمينٽ يا فوت ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور تي نئون استاد مقرر ڪيو ويندو. تعليم واري وزير چيو ته صوبائي حڪومت تعليمي سڌارن تحت اھم قدم کنيا آهن، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر هاڻي سماج کي به پنهنجو سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سماج جو هر فرد نه پڙهائڻ وارن استادن خلاف پنهنجو ڪردار ادا ضرور ادا ڪندو، تعليم کاتو ان ڏس ۾ ايندڙ شڪايتن کي سنجيدگي ڏسندو رھندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.