ڪراچي (رپورتر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس يوسف علي سعيد جي ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ ڪي ايم سي جي وڏن پارڪن ۾ عوامي داخلا فيس جي وصوليءَ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. داخلا فيس وصولي تي عدالت پاران ڪي ايم سي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظھارڪيو. عدالت ڪي ايم سي جي ڊي جي پارڪس کي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ڪي ايم سي جي ڊي جي پارڪس کان ذاتي بيان به طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس يوسف علي سعيد چيو آهي ته آخري مهلت ڏئي رهيا آهيون، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته ڪڊني هل پارڪ سميت ڪنهن به راند جي ميدان ۽ پارڪ ۾ ڪا به داخلا فيس نٿي ورتي وڃي. جسٽس يوسف علي رماڪس ڏنا ته عدالت جيڪو حڪم ڏنو آھي ان تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت عوامي فيس لاءِ جاري ٽينڊرز کي حتمي شڪل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران پارڪن ۾ عوامي داخلا فيس تي پابندي لڳل آهي.سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته پارڪن ۾ داخلا لاءِ ڪابه فيس نه ورتي ويندي.