ڪراچي: تعليم کاتي جي بند پيل اسڪول کولڻ واري پاليسي تحت ٿر جي استادن کي دربدر ڪيو ويو آهي، اڪثر استادن کي سندن رهائش وارين ويجهن اسڪولن تي مقرر ڪرڻ بدران ڏورانهين اسڪولن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اهي استاد سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته تعليم کاتي جي نئين فيصلي سان ڏيپلي تعلقي جي استادن کي وڌيڪ پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، لاڳاپيل يوسين يا علائقن جي رهواسي استادن کي وري ٻين علائقن ۾ مقرر ڪري دربدر ڪيو ويو آهي، جيئن ڏيپلي تعلقي جي يوسي ڊاڀڙو ۾ مقرر استاد کي شادي لارج ڀرسان يوسي سارهوڙ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي اهڙي طرح هيلاريو ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ مقرر استادن کي وري رڻ ڪڇ جي سرحدي ڳوٺ ونگي ۽ ٻين اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اهي استاد دربدر ۽ پريشان ٿي ويا آهن، علائقي جي ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي مقامي انتظاميا اصل حقيقتون ڏسڻ بدران استادن کي دربدر ڪرڻ لاءِ سندن نالا ڄاڻي واڻي لسٽن ۾ ڏنا، جنهن سان استادن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي، انڪري تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت لاڳاپيل اختيارين کي معاملي جو نوٽيس وٺي استادن کي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.