پي ٽي وي ملازمن جون مراعتون ختم، مقررين تي به پابندي

اسلام آباد(م ڊ) سرڪاري ٽي وي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) سڌارن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب وڌندڙ خرچن کي روڪڻ لاءِ ملازمن جي سمورين مراعتن تي پابندي لڳائي وئي آهي.رپورٽ موجب سرڪاري ٽي وي چينل جي ملازمن جي گاڏين جي نون ٽائرن ۽ مرمت ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ اينڪرز ۽ محققن جي ڪا به نئين مقرري نه ڪئي ويندي، سرڪاري لنچ، ڊنر، وندر ۽ ريفريشمينٽ تي به پابندي هوندي.ان تحت هر قسم جا اعزازي ۽ نقد فائدا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽرانسفر خرچن، ٽريول الائونس، روزاني الائونس ۽ هوٽل ۾ رهڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

  1. والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ،  4 ڪشميري شهيد

سرينگر ( م ڊ )  والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج ضلعي ڊوڊا ۾ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج تلاشي جي آڙ ۾ 4 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قابض فوج جي فائرنگ سان هڪ شهري پڻ زخمي ٿي پيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ان کان اڳ ڊوڊا ضلعي ۾ هڪ حملي ۾ ڀارتي فوج جو ڪپتان به مارجي ويو هو.

  1. واگها سرحد تي تقريب، نعرن جي گونج

لاهور(م ڊ) آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي واهگه بارڊر تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب دوران واهگا بارڊر پاڪستان زنده آباد جي نعرن سان گونجي ويو. واگها بارڊر تي روايتي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هر طرف پاڪستاني جهنڊا نظر آيا. جشن آزادي جي موقعي تي عوام  ۾ وڏو جوش ۽ جذبو نظر آيو ۽ فضا پاڪستان زنده باد جي نعرن سان گونجي وئي.

  1. آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري تقريب

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان جي 77 هين يوم آزادي جي موقعي تي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گارڊ آف آنر جا فرض سرانجام ڏنا. گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب جو ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خالد هو، جڏهن ته پريڊ ڪمانڊر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر احمد حسن تمغا بسالت سرانجام ڏنا. پاڪستان جي باني قائداعظم جي مزار تي گارڊ آف آنر ٻن ٽولين تي مشتمل آهي، گارڊ آف آنر پاڪستان نيوي جي ملاحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٻيو دستا پاڪستان نيول اڪيڊمي جا ڪيڊٽس تي مشتمل آهي.

  1. جشن آزادي تي ڪراچي ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ 35 ڄڻا گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پوليس هوائي فائرنگ ۾ ملوث 35 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس شهر جي مختلف علائقن مان آزادي واري ڏهاڙي تي فائرنگ ڪندڙ 35  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سينٽرل ضلعي مان هوائي فائرنگ جي الزام ۾ 14 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ رضا احمد ولد شبير احمد، ذوالقرنين ولد ذوالفقار، محمد احسن قريشي ولد محمد عبدالرحمان قريشي، ابوبڪر ولد محمد شريف، عارف علي ولد سونو خان، ارشاد ڀٽو ولد نثار ڀٽو، محمد عرف ولد نثار ڀٽو شامل آهن. جوابدارن ۾ شاهد ولد شبير احمد، ناصر ولد ، حماد علي ولد ناصر علي، محمد مسڪر ولد انور حسين، شهاب الرحمان ولد حبيب الرحمان، عبيدالله ولد محمد ۽ جوابدار مقبول شامل آهن. جوابدارن کي خواجه اجمير نگري، نيو ڪراچي، سر سيد، سپر مارڪيٽ، حيدري مارڪيٽ، ناظم آباد، شريف آباد، پاپوش نگر، جوهر آباد ۽ گلبهار ٿاڻين مان گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ايم جي فائيو رائفل سميت مختلف لائسنس يافته ۽ غير قانوني هٿيار هٿ ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

  1. مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾آزادي ڏهاڙي جون تقريبون

اسلام آباد ( م ڊ ) نئين دهلي، بيجنگ، ماسڪو، ڪابل، ابوظهبي، دبئي، جده، انقرا، برسلز ۽ لنڊن سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي.آزادي جي 77 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ڪيل ان تقريب ۾ ملڪ جي  خاطر جانيون قربان ڪرڻ وارن کي خصوصي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، قومي ترانا ۽ مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا. برسلز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستاني سفير آمنه بلوچ چيو ته ملڪ کي قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي ويزن موجب تعمير ڪرڻ گهرجي. پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ۾ پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. تقريب ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جي گورنر سعد احمد وڙائچ قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

  1. ڪجهه ماڻهو ڪراچي شهر کي ريگستان بڻائڻ چاهين ٿا: خالد مقبول صديقي

ڪراچي ( رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته شهر کي 30 ڪروڙ وڻن جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته پهرين پنهنجي ضرورت پوري ڪندا ته ملڪ جون ضرورتون پوريون ٿينديون. ڪجهه ماڻهو  ڪراچي شهر کي ريگستان بڻائڻ چاهين ٿا. هي شهر ڪنهن کي ڏيکاريو ته شرم کان سواءِ ڪجهه به نه بچندو.خالد مقبول صديقي چيو ته هو وڪيلن، صحافين ۽ پريس ڪلبن ۾ ويندا ۽ چوندا ته ملڪ کي بچايو وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين چيو ته اچو ته پهرين 30 ڪروڙ وڻ پوکيون.  هن چيو ته موسمياتي تبديلين جا وڌيڪ اثر ٿيڻ کان اڳ اسان کي پاڻ کي تبديل ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.