77هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي/ اسلام آباد(رپورٽرز) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 77هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، هر طرف پاڪستان زندهه باد ۽ پاڪ فوج زندهه باد جي نعرن جي گونج رهي. جشن آزادي جي ڏينهن جي شروعات وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21- 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، فجر جي نماز بعد مسجدن ۾ ملڪ جي امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، تحريڪ آزادي پاڪستان جي شهيدن لاءِ خصوصي طور قرآن خواني جو انتظام ڪيو ويو.ان موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته وطن جي سلامتي لاءِ قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن سان به ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو، جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار ۽ علامه اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي واري تقريب ٿي، سنڌ سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري توڙي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.