ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون آيو آهي ، ذريعن موجب جناح اسپتال ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون آيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريض کي گذريل ڏينهن بخار ۽ ڊائريا سبب اسپتال آندو ويو هو. مريض جي ڪانگو ٽيسٽ مثبت آئي آهي، مريض جي عمر 32 سال آهي.متاثر مريض کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال جي آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو.ماهرن موجب ڪانگو هڪ موتمار وائرس آهي ۽ ان کان بچاءَ جا 10 سيڪڙو امڪان آهن، ڪانگو وائرس جانورن مان انسانن ۽ انسانن ۾ منتقل ٿيندو آهي. مسوڙن، نڪ ۽ پاخاني مان رت وهڻ ۽ تيز بخار ڪانگو وائرس جون علامتون آهن.